دشت-شھباز (شھر): بلوچستان جي ضلعي پنجگُر، تعلقي گوارگو ۾ ’دشت- شھباز‘ نالي هڪ تاريخي شھر آهي. قلندر لعل شھباز ملتان وڃڻ کان اڳ هڪ ميدان تي چلو ڪاٽيو هو، جيڪو ميدان بعد ۾ قلندر لعل شھباز جي نسبت سان ’دشت- شھباز‘ سڏجڻ لڳو. قلندر لال شھباز مڪران ۾ ڪجهہ عرصو قيام ڪيو هو. ان ڪري مڪراني ۽ بلوچستان جا بلوچ گهڻي تعداد ۾ سندس مريد هئا، جن هن علائقي کي مرشد جي نسبت سان ياد ڪيو. اڳتي هلي چڱو شھر آباد ٿيو ۽ ڪجهہ عرصو ڪاشاني بلوچن جي بيٺڪيت رهيو. ان دؤر ۾ هي شھر گهرو ويڙھہ جـي پـڻ ور چـڙهيل رهيو، جنهن سـبـب هن شھر ۾ ڪيترو ئي جاني نقصان بہ ٿيو.