در محمد گائنچو

در محمد گائنچو: نامور سرندي نواز دُر محمد ولد بخش علي گائنچو، 1942ع ڌاري بڊي جبل، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. ضلعي دادوءَ جي مشھور درگاھہ گاجي شاھہ تي سُرندو اڄ سوڌو وڄايو ويندو آهي، جتي ماڻهن ۾ مستي ۽ وجد طاري ٿيندو آهي. وهم پرست ماڻهو ’جن ڪڍڻ‘ آسيب کان بچڻ لاءِ سُرندي جي سروز علاج سمجهندا آهن. ان ئي ماحول کان متاثر ٿي در محمد کي بہ سُرندي وڄائڻ جو شوق پيدا ٿيو. هن سرندي وڄائڻ جي باقاعدي سکيا غلام محمد رند کان ورتي، جيڪو سندس ڳوٺ جي ڀرسان ڳوٺ آهر کجيءَ جو رهاڪو هو. روايت آهي تہ درمحمد جڏهن پنھنجي گهر ۾ سرندو وڄائيندو هو تہ سندس امڙ تي بہ وجد طاري ٿي ويندو هو ۽ کانئس فرمائش ڪري سرندو ٻڌي کيس دعائون ڏيندي هئي. دُر محمد اسٽيج فنڪارن سان بہ سُرندو وڄائيندو هو. سندس سُرندي جي مشھور ڌُنن تي مشتمل هڪ آڊيو ڪئسٽ بہ جاري ٿيل آهي، جيڪا ريڊيو پاڪستان تي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي متعارف ڪرائي. ڪيترا مشھور سرندائي درمحمد گائنچي جا شاگرد آهن، جن ۾ لعل محمد ۽ رستم گائنچي جا نالا قابلِ ذڪر آهن. در محمد گائنچي جو شمار مشھور سرندي نوازن ۾ ٿيندو هو.
هن نامياري سرندي نواز، 18 جنوري 2003ع تي 61 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2003.01.18  عيسوي

هن نامياري سرندي نواز، 18 جنوري 2003ع تي 61 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيرل فقير خوشدل ستاري
انيس ميمڻ
جعفر بن يحيٰ بن خالد ابن برمڪي
سيد تقي شاھہ حنفي
پٽيل ولڀ ڀائي
شونالي ناگراڻي
ڄام اوڍر سمو
پير لاکو لطف ﷲ
ابڙو علامہ مستانو سيوهاڻي
داغ دهلوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون