در محمد فقير: فقير در محمد صوفي شاھہ عنايت شھيد جي سلسلي جو شاعر هو. ان ڏس ۾ محقق ۽ اديب ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ پنھنجي پي. ايڇ. ڊي جي مقالي ’شاھہ عنايت شھيد جي سلسلي جا شاعر‘ ۾ سندس زندگيءَ ۽ شاعريءَ بابت مختلف حوالن سان لکيو آهي تہ: فقير در محمد مسڪين ابن خداداد ابن فقير خدا بخش ابن روحل فقير پنھنجي ابن ڏاڏن وانگر بھترين شاعر ٿي گذريو آهي. هي صوفي درويش اڪثر صوفين ۽ فقيرن جي صحبت ۾ وقت گهاريندو هو. سندس ڪلام ڪافين، بيتن ۽ واين تي مشتمل آهي. هتي سندس هڪ شعر پيش ڪجي ٿيو:
يڪدم زير زنار جي آندو، الو ميان زاهد شيخ صنعان،
در محمد جي درد جو دلبر، دلئون ڪيو ڪو درمان.