در محمد سڪندري: علامہ مفتي در محمد سڪندري پنھنجي وقت جو وڏو عالم ۽ مفتي هو. نهايت سادو، درويش صفت ۽ باعمل انسان هو. مفتي صاحب 1939ع ڌاري اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ وروائيءَ ۾ محمد ابراهيم لنجي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1951ع ۾ کيس مدرسہ بحر العلوم ڪنريءَ ۾ داخل ڪيو ويو. اتي متوسط درجي جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1957ع ۾ سنڌ جي مشھور ديني درگاھہ پير جو ڳوٺ (خيرپور) ۾ داخل ٿيو. اتي درس نظاميءَ جي مروج تعليم حاصل ڪيائين. گڏوگڏ مولوي عربي، عالم عربي ۽ فاضل عربيءَ جا امتحان حيدرآباد بورڊ طرفان پاس ڪيائين. مفتي صاحب فتويٰ نويسيءَ جو ڪورس بہ مڪمل ڪيو. 1962ع ۾ جامعہ راشديه مان فارغ التحصيل ٿي ’سَند الفراغ‘ حاصل ڪيائين. فراغت کان پوءِ ڪجهہ وقت سڪرنڊ ۽ مٽياريءَ ۾ امامت ۽ خطابت ڪيائين. ان کان پوءِ جامعہ راشديه درگاھہ پير ڳوٺ جي مهتمم مفتي محمد صالح مھر جي حڪم سان 16 اپريل 1962ع تي مدرسہ صبغة الاسلام سانگهڙ جو استاد مقرر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين هن مدرسي جي مهتمم طور ديني ۽ علمي خدمتون سرنجام ڏنائين، جتان ڪيترائي عالم، حافظ ۽ قاري تيار ٿي نڪتا. ان دوران مفتي صاحب تصنيف، تاليف، ترجمن ۽ فتوائن جو سلسلو بہ جاري رکيو. هو هڪ بھترين شاعر بہ هو. سندن ڪلام جو گهڻو حصو غزلن تي مشتمل آهي. سنڌيءَ سان گڏ فارسي ۽ اردوءَ ۾ بہ شاعري ڪيائين.
مفتي در محمد سڪندري، پنج سال ضلعي سانگهڙ ۾ زڪواة ۽ عشر ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو ۽ نهايت ديانتداري ۽ ايمانداريءَ سان حقدارن جي حق رسي ڪيائين. 1986ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي حج ڪوٽا ۾ حج جي سعادت بہ حاصل ڪيائين.
مفتي در محمد 12 محرم الحرام 1422 ھہ مطابق 7 اپريل 2001ع تي وفات ڪئي. سندس فتوائن ۽ ٻين تصنيفن جي ترتيب ۽ ڇپائيءَ جو ڪم سندس لائق شاگرد حافظ مفتي عبدالرزاق مهراڻ سڪندري جاري رکيو آهي.
1962.04.16 عيسوي
جامعه راشديه درگاهه پير ڳوٺ جي مهتمم مفتي محمد صالح مهر جي حڪم سان 16 اپريل 1962ع تي مدرسه صبغة الاسلام سانگهڙ جو استاد مقرر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين هن مدرسي جي مهتمم طور ديني ۽ علمي خدمتون سرنجام ڏنائين، جتان ڪيترائي عالم، حافظ ۽ قاري تيار ٿي نڪتا.
2001.04.07 عيسوي
مفتي در محمد 12 محرم الحرام 1422 هه مطابق 7 اپريل 2001ع تي وفات ڪئي.