
درگاهه وريل شاهه بخاري
درگاھہ وريل شاھہ بخاري: شھيد وريل شاھہ بخاري جي درگاھہ ڳوٺ عنايت ﷲ سومري، تعلقي ٺري ميرواھہ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. وريل شاھہ لاءِ مشھور آهي تہ هيءُ اهل ﷲ شخص هو. مقامي ماڻهو ڏانهس ڪيتريون ئي ڪرامتون منسوب ڪن ٿا. وريل شاھہ جي مزار تي پراڻو مقبرو تعمير ڪيل هو، جنهن کي ڊاهي هاڻي تازو جديد طرز جو نئون مقبرو تعمير ڪيو ويو آهي.
مقبرو سيمينٽ جي ٿلهي تي، پڪين سرن سان رٿيو ويو آهي. اوساري ۾ سيمنٽ وغيرہ ڪتب آندل آهي. مهاڙيءَ ۾ کليل اڱڻ اٿس. ٿلهي تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي. مهاڙيءَ ۾ چوڪاٺي سان سادو ڪاٺ جو دروازو ۽ پاسن کان ٽن طاقن واريون دريون لڳايون ويون آهن. پيڙھہ ۾ چونو ڪري باقي سامهون واري ديوار تي رنگ روغن سان زيبائشي چٽ ڪڍيا ويا آهن. ٻنهي ڪنڊن تي ٻيڙ- ٻني کي وڌائي وڏا گنبذ رکيا ويا آهن. وچ تي سونهري رنگ جو گنبذ ڇت تي رکيل آهي، جنهن تي ابتي ڪوڻيءَ جي گل جو نمونو ڪڍي نيل هنئي وئي آهي. ڇت ٽيئرن ۽ گارڊرن سان گل وارين پڪين سرن جي ٻڌل آهي. ورانڊي ۾ هڪ ڪمرو اٿس. اندرئين حجري ۾ سنگ مرمر جي سرن تي ٻڌل ٿلهي تي وريل شاھہ جي مزار آهي. هتي ڪيترائي زائرين ايندا رهن ٿا. درگاھہ جو مجاور در محمد فقير آهي. هن درگاھہ تي هر سال ٽين شوال تي ميلو لڳي ٿو.