
درگاهه هيبت شهيد
درگاھہ هيبت شھيد: نامياري بزرگ هيبت شھيد جي هيءَ درگاھہ تنگواڻي، ضلعي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ جي ڏکڻ طرف ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. هيءُ بزرگ ذات جو ڏاهاڻي هو. هن درگاھہ جي چؤڌاري 48 ايڪڙن جي وسيع ايراضي تي پراڻو قبرستان آهي، جنهن ۾ کٻڙ ۽ ڪنڊيءَ جا ڪيترا پراڻا وڻ پڻ موجود آهن. هن مقام ۾ انگريز عملدار ۽ جيڪب آباد جي اڏيندڙ سر جان جيڪب جي گهوڙي جي قبر ۽ يادگار پڻ موجود آهي. نامور محقق مومن بلي، پنھنجي ڪتاب ‘Kashmore: Now & Then’ جي صفحي 163 تي لکيو آهي تہ: “جان جيڪب، هن بزرگ جي ڪرامتن کان متاثر ٿي، هتي ايندڙ زيارتين جي سهولت لاءِ کوھہ کوٽرايو هو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي پر هاڻي جديد سهولتن سان پاڻي جي فراهميءَ سبب استعمال هيٺ نہ آهي. ”
هيبت شھيد جو مقبرو، مقام جي وچ تي هڪ چؤڪنڊي ڪمري تي مشتمل آهي، جنهن جي مٿان ڪجهہ فوٽن تائين اٺڪنڊي ديوار ۽ مٿان اُڀو گنبذ اڏيل آهي. گنبذ جي مٿان پانيل بہ لڳل آهي. درگاھہ جي عمارت نهايت سادي ۽ سرن جي ٺهيل آهي، مٿس ڪنهن بہ قسم جي آرائش ۽ زيبائش کان پاسو ڪيو ويو آهي. مقبري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ ونگائون لنگهہ آهي، جنهن ۾ ڳاڙهي رنگ جي ڪاٺ جو در نصب آهي. درگاھہ اندر هيبت شھيد جي مزار سان گڏ هڪ ٻي مزار بہ آهي، جنهن بابت ڪا خاص ڄاڻ ڪونهي. درگاھہ جي احاطي ۾ 7 کان 8 فوٽن جي باؤنڊري ڏنل آهي. مزار کان ٿوري ئي فاصلي تي جان جيڪب جي گهوڙي جو يادگار اڏيل آهي. درگاھہ هيبت شھيد تي ساليانو عرس ذوالحج جي مهيني ۾ لڳندو آهي، جنهن ۾ عقيدتمند وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا آهن.