
درگاهه هوٿي، نوٿي
درگاھہ هوٿي، نوٿي: هي درگاھہ ٻن بزرگن جو مدفن آهي، جيڪي ٻئي ڀائر چيا وڃن ٿا. انهن مان هڪ جو نالو هوٿي ۽ ٻئي جو نوٿي هو. هنن ٻنهي بزرگن لاءِ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي تہ اهي ستين صدي هجريءَ ڌاري ايران مان سنڌ ۾ اچي هن جاءِ تي رهيا، جتي سندن درگاھہ آهي. سندن لاءِ اهو پڻ چيو وڃي ٿو تہ اهي ٻئي اهل ﷲ بزرگ ايران جي بزرگ حضرت نورانيءَ جا پٽ هئا. هيءَ مزار احمدپور روڊ تي تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. ٻنهي بزرگن جون مزارون هڪ ئي مقبري ۾ آهن، مقبري جي عمارت جي ڀرسان هڪ مسجد بہ تعمير ڪئي وئي آهي. مقبرو ٻيهر تعمير ٿيل ڏسجي ٿو، جنهن ۾ سرن ۽ سيمينٽ ۽ استعمال ڪيل آهي. مقبري جي مهاڙيءَ ۾ ڪاشيءَ جون سرون نصب ڪيل آهن، جيڪي عمارت کي زيبائتو ڪيو بيٺيون آهن. عمارت جي اڳياڙي کان ٻنهي پاسي مينار تعمير ٿيل دروازو ونگ سان چوڪاٽي ۾ ڇڏيل اٿس. مقبري جو ڳچ اٺ ڪنڊائون، ڄاريدار آهي، جنهن تي گنبذ آهي. گنبذ مٿان ابتو ڪنول جو گل ۽ ان مٿان وري نيل لڳل آهي. مقبرو عام مقامي ماڻهن جي زيارتگاھہ آهي.