درگاھہ نورپور

درگاھہ نورپور: تعلقي گنبٽ، ضلعي خيرپورميرس ۾ 1947ع ۾ پير مٺا سائين تبليغ تي آيو ۽ موجودہ نورپور واري جاءِ کي پسند ڪري، اُتي هڪ مهينو رهي، خليفي کي درگاھہ ٺاهڻ جو حڪم ڪيائين ۽ اُن جو نالو درگاھہ نور پور رکيو ويو. مٺا سائينءَ جي وصال کانپوءِ خليفي نورمحمد نورپور ۾ مستقل قيام ڪيو. خليفي نور محمد جي وفات کانپوءِ 22 ذوالحج 1418ھہ/ 20 اپريل 1998ع تي نورپور ۾ ئي سندس مزار جوڙي وئي. هن درگاھہ تي هر مهيني يارهينءَ جي رات مجلس ٿيندي آهي. درگاھہ سان گڏ هڪ مسجد ۽ ڏھہ مسافرخانا ٺهيل آهن. هن مرڪز ۾ روزانو ٻہ ڀيرا مراقبو، واعظ ۽ نصيحت جي مجلس ٿيندي آهي، جنهن ۾ گادي نشين خطاب ڪندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو