
درگاهه موٽڻ شاهه ۽ ابراهيم شاهه
درگاھہ موٽڻ شاھہ ۽ ابراهيم شاھہ (مقبرو): هي ڪلهوڙا دؤر جو يادگار ماڳ، جيڪو خيرپور ميرس ۾ آهي. درگاھہ کي دونهين وارن پيرن جي درگاھہ بہ سڏيندا آهن. هي پير اصل ۾ ملتان جا آهن. جيڪي پوءِ اچي هتي آباد ٿيا. درگاھہ جي مهاڙي سادي سيمنٽ سان آهي. سامهون 5 لنگهہ اٿس، جن مان پاسن وارا چار لنگهہ رنگين ڄارين سان بند ٿيل آهن. مقبرو مستطيل رٿ جو آهي. هن کي هڪ ڪنڊ تي سفيد برجي ڏنل آهي، ان جي مٿان ننڍو ڪلسو ٺهيل آهي. ڇت تي ٻہ وڏا شاهي ڦاراوان گنبذ ٺهيل آهن. ڳچ ننڍو ٺهيل آهي، جڏهن تہ گنبذ وڏا آهن. گنبذن جي مٿان ابتو ڪوڻيءَ جو گل ٺهيل آهي. اهو گل ڪنڊن وارين برجن تي بہ ملي ٿو. جو هي گل پنکڙين سان سيبتو ٺهيل آهي، جڏهن تہ هر پنکڙي چيريل آهي. گنبذ جو رنگ سفيد آهي، جيڪو تازو ٿيل لڳي ٿو. گنبذ جي مٿان ڊگهي نيل ٺهيل آهي، جنهن کي علم بہ چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ روشنائي لاءِ بلب لڳل آهن. لنگهہ سادڙا ٺهيل آهن. ڦارائين پيل پاون سان دروازو ۽ ٻيڙ ٻني تي ننڍيون برجيون ٺهيل آهن. دروازي واري ٺاٺي جي مٿان بہ اهڙيون ئي 5 عدد برجيون ٺهيل آهن، جهڙيون ڪنڊن تي ٺاهيل آهن. دروازي جي ٻنهي پاسن کان صحن جي چوڌاري ديوار ڏنل آهي، جنهن کي وٿي وٿي ءَ تي ستون ڏنل آهن. ٻن ستونن جي مٿان وري ننڍو گنبذڙو ٺهيل آهي، جنهن تي ڪوڻي جو ابتو گل ۽ نيلڙي لڳل آهي. ڀت جي ٺوس اوساري جي مٿان وچ تي ڄاريون هنيون ويون آهن. جيئن تہ درگاھہ جي هر سال مرمت ٿئي ٿي، ان لاءِ چئي نٿو سگهجي تہ هاڻي پراڻا اوصاف باقي ڪهڙا بچيا آهن.