درگاھہ قطب علي شاھہ جھانيان: سيد قطب علي شاھہ جهانيان، سيد فتح علي شاھہ جھانيان جو فرزند هو. قطب علي شاھہ جي ولادت 21 رمضان 1229ھہ/ 6 سيپٽمبر 1813ع تي ۽ وفات 16 ذوالحج 1328ھہ بمطابق 23 ڊسمبر 1910ع ۾ ٿي. وقت جو وڏو صوفي شاعر ۽ ولايت جو صاحب هو. سندس وڏا ميان سرفراز جي مقام ۾ دفن ٿيندا هئا، پر سيد قطب علي شاھہ جي تربت ٽنڊي جھانيان ۾ ٺاهي وئي. ٻارهين مهينن کان سواءِ سندس مزار مٿان قبي جو ڪم شروع ٿيو، جيڪو چئن سالن ۾ پورو ٿيو. فقير صاحب جو فرمان هو تہ هن آستان تي ڪڏهن بہ ڪنهن کان پئسي جي گهر نہ ٿيڻ گهرجي. روضي جي ڀرسان هندو ۽ مسلمان عقيدتمندن لاءِ ڌار ڌار جايون ٺهيل آهن. هر سال 15، 16، 17 ذوالحج تي هن درگاھہ تي روحاني مجلس ٿيندي آهي.