
درگاهه فتح محمد شاهه اچناڻي
درگاھہ فتح محمد شاھہ اچناڻي: هيءَ درگاھہ سعيد آباد ويجهو، ضلعي مٽياريءَ ۾ آهي. هي درگاھہ پراڻي دور جي آهي، جيڪا نيشنل هاءِ وي لڳ 1358ع ڌاري پڻ قائم هئي، جيڪا صوفي فتح محمد شاھہ جي آهي. سيد جڙيل شاھہ ۽ ڏتل شاھہ جي قبر بہ ان درگاھہ ۾ آهي. درگاھہ جي ڀرسان نهايت دلڪش ۽ جاذب نظر مسجد پڻ تعمير ٿيل آهي. هيءَ درگاھہ ۽ مسجد هڪ اوچي ٿلهي تي واقع آهن، جن ۾ داخلي لاءِ ٻن طرفن کان ڪجهہ ڏاڪا ڏنل آهن. درگاھہ، انتهائي ڪشادي ۽ ڪاشيءَ جي نفيس ڪم سان سينگاريل آهي. درگاھہ جي عمارت روايتي طرز جي آهي. مکيہ ديوار جو وچيون حصو ڪجهہ مٿڀرو آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڊن تي ننڍڙا مينار ۽ نيل رکيل آهي. ان کان علاوہ چئني ڪنڊن تي گنبذ ۽ نيل سميت هڪ هڪ چورس مينار ڏنل آهي، جيڪو 3 کان 4 فوٽ مس ٿيندو. وچ تي اٺڪنڊو ڳچ، جنهن جي چوڌاري ٻيڙ ٻنو ڏئي چورس خانا ۽ هوا توڙي روشني جي خيال سان نوڪدار ونگ جون ڳڙکيون بہ ڏنل آهن. مٿس گول گنبذ رکيل آهي، جنهن تي ڪو بہ جنسار ٿيل ڪونهي. گنبذ اڇي رنگ جو ۽ نهايت سادو آهي. مٿان ڪوڻيءَ جو سبتو گل ۽گل جي مٿان نيل رکيل آهي. درگاھہ جي مکيہ ديوار ۾ ڊگهي نوڪدار ونگ ڏئي اندرئين طرف عام ماپ وارو در لڳل آهي ۽ باقي حصي تي ڪاشيءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل ٿو ڏسجي. در جي ڀرسان ٻنهي طرف کان هيٺ مٿي طاقچه ڏنل آهن، جن تي پڻ ڪاشيءَ جو ڪم نظر اچي ٿو. مکيہ ديوار ۽ ڪانس کانسواءِ ڪنهن بہ ديوار تي ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل ڪونهي بلڪہ سيمينٽ سان سادو پلستر ٿيل آهي. درگاھہ اندر قبرون بہ هڪ ٿلهي تي آهن. اندرين عمارت سادي آهي. درگاھہ ۽ مسجد کي چؤڌاري ديوار جو احاطو ڏنل آهي ۽ اڳيان وسيع اڱڻ پڻ آهي. هن درگاھہ جو سجادہ نشين سيد محمد جمن شاھہ آهي. هن درگاھہ تي هر سال 14 رمضان المبارڪ تي عرس ٿيندو آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهن سان گڏ سڄي سنڌ مان وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيندا آهن.