درگاھہ شريف جهنڊولو بادشاھہ

درگاھہ شريف جهنڊولو بادشاھہ: درگاھہ شريف جهنڊولو بادشاھہ جو ميلو هر سال ذوالحج مهيني جي 11 کان 13 تاريخ تي شھدادپور کان ٽي ميل پري هالا روڊ تي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ سٺو ملاکڙو بہ ٿيندو آهي، جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جا مَلھہ پهلوان حصو وٺندا آهن. ان کان سواءِ هن ميلي ۾ موسيقيءَ جو پروگرام بہ وڏي پيماني تي منعقد ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي جا فنڪار پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. انهيءَ کان سواءِ رڇ ۽ ڪُتي جي ويڙھہ، چوپائي مال جو واپار، ڀلن گهوڙن ۽ ڍڳن جي ڊوڙ جا مقابلا ۽ سٺا دڪان سينگارڻ وارن ۾ انعامي مقابلا ٿيندا آهن. هن ميلي ۾ لنگر جو بہ انتظام هوندوآهي. ميلي ۾ سڄي سنڌ مان هزارن جي تعداد ۾ عقيدتمند ايندا آهن، جن لاءِ رهائش جو بھترين بندوبست ڪيو ويندو آهي.


لفظ درگاھہ شريف جهنڊولو بادشاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو