
درگاهه شاهه پنجو سلطان
درگاھہ پنجو سلطان'>شاھہ پنجو سلطان: پنجو سلطان'>شاھہ پنجو سلطان ڏهوٽ قبيلي مان هو، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ميان وال تحريڪ جو اهم رڪن هو. هن گاجي شاھہ سان گڏ مغلن خلاف تحريڪ ۾ سرگرم رڪن ۽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ حصو ورتو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جڏهن مغلن کان آزادي حاصل ڪري ڳاڙهيءَ کي پنھنجي عبوري انقلابي حڪومت جو مرڪز بنايو تہ شاھہ پنجي کي سلطان جو لقب ڏئي کيس خيرپور ناٿن شاھہ ۽ ميهڙ جي ميداني علائقن ۽ ڪاڇي ۾ پنهنجو نائب مقرر ڪيائين. سندس عاليشان مقبرو راڌڻ اسٽيشن کان اوڀر ۾ سندس نالي پويان سڏجندڙ ڳوٺ ۾، شاھہ پنجي ريلوي اسٽيشن کان 3-4 ڪلوميٽرن پنڌ تي موجود آهي. مقبري جي مرمت ٿيندي رهي ٿي، ان ڪري اصل صورت ۾ مقبرو موجود نہ آهي، پر پوءِ بہ مقبري ۾ ڪلهوڙا دور جي اڏاوتن جون ڪافي وصفون آهن. روضو ۽ ان جي پويان جاڙي تجر سٺي حالت ۾ موجود آهن. روضو چورس آهي، جنهن ۾ وڏو لنگهہ ڏنل آهي. مقبرو احاطي اندر آهي. اصل لنگهہ مقبري جي ڏکڻ ۾ آهي. جنهن ۾ هاڻي ڪافي اڏاوتي اضافا ڪيا ويا آهن. اندر ٻيون بہ قبرون آهن پر ڇٽي سان قبر شاھہ پنجي سلطان جي آهي. مقبري کي ٻاهران پانيلن ذريعي خوبصورت بنايو ويو آهي. مهاڙي ۾ ڦاٽڪ جهڙي دروازي جي مٿان تاج ڏنل آهي. اندران ڪنڊ جوڙون ڏيئي مٿي ڇت کي اٺڪنڊو ڪري، ڳچ (Drum) سورنهن ڪنڊون ٺاهي، ان جي مٿان گنبذ رکيو ويو آهي. 1876ع هڪ انگريز ڪليڪٽر جي رپورٽ موجب هي روضو 1730ع ۾ ٺاهيو ويو هو، جنهن جي ڏکڻ اڀرندي ڪنڊ تي لنگر خانو جوڙيل هو، جيڪو هن وٽ ڊهي چڪو آهي. هي ڪلهوڙا دور جو اڏاوتي نمونو آهي. ماھہ پهرئين آچر تي هتي ميلو لڳندو آهي.