درگاھہ سيد ساجن سوائي: سيد ساجن سوائي لاڙ جو هڪ ڪامل ولي ۽ درويش ٿي گذريو آهي. سندس درگاھہ لاڙ ۾ ڏندي ريلوي اسٽيشن کان ٻہ ميل کن پري، ڦليليءَ جي ڪپ تي آهي، جتي وڏو ميلو لڳندو آهي. لاڙ ۾ هي ميلو ميلن ۾ ليکيو ويندو آهي. هن سيد جو اصل نالو ’ساجن‘ ۽ ’سوائي‘ سندس لقب آهي. پاڻ اصل مٽيارين جو هو. مخدوم نوح سرور هالائيءَ جو مريد هو ۽ پنھنجي وقت جو هڪ وڏو شيخ هو. سندس اولاد ۾ بہ ڪرامت جا صاحب ۽ ولي ٿي گذريا آهن. خاص طور تي سندس پوٽو سيد پني لڌو شاھہ نامور هستي ٿي گذريو آهي. سيد پني لڌو شاھہ پنھنجي پوري زندگي خدا جي ياد ۾ گوشه نشينيءَ جي عالم ۾ گذاري. هڪ ڀيري هو درياھہ جي ڪناري کان گذري رهيو هو تہ کيس ڏسي سڀ ڏيڏر ڀڄڻ لڳا. شاھہ صاحب اها حالت ڏسي بيهي رهيو ۽ سوچڻ لڳو تہ: ”شايد مون ۾ اڃا بہ غير ڏٺو اٿن.“ پوءِ اتي ئي پٽ تي ويهي روئڻ ۽ استغفار ڪرڻ لڳو.
ڪجهہ ئي دير ۾ سڀيئي ڏيڏر پاڻيءَ مان نڪري سندس چؤڌاري ٽپ ڏيڻ لڳا. سندس لاءِ هيءَ روايت بہ مشھور آهي تہ پنھنجي رهائش گاھہ کان وٺي پنھنجي ڏاڏي بزرگوار سيد ساجن سوائيءَ جي درگاھہ تائين پهچڻ ۾ کيس صبح کان شام لڳي ويندي هئي، دير جو سبب هي هوندو هو تہ زمين تي جيڪو بہ ڀتر يا پٿر وغيرہ ڏسندو هو، سؤ کڻي رستي تان هٽائيندو ويندو هو. سيد پني لڌي شاھہ جي وفات کانپوءِ سندس فرزند قبي ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس اجازت نہ ملي سگهي.