درگاھہ سيد حسين شاھہ رتوديرو

درگاھہ سيد حسين شاھہ رتوديرو: هيءَ درگاھہ شھر رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ واقع آهي. هن درگاھہ جي ڀرسان شھر جي مرڪزي عيدگاھہ ۽ امام بارگاھہ صاحب العصر آهي. هيءَ درگاھہ سيد حسين شاھہ شمسيءَ جي نالي سان منسوب آهي، جنهن لاءِ روايت آهي تہ سيد حسين شاھہ شمسي اصـل مـلـتـان جـو رهاڪـو هـو، جنهن جي ملڪان ملڪ مريدي هوندي هئي.
هن جي پنھنجي اولاد توڙي مريدن کي اها وصيت ٿيل هئي تہ ”منهنجو دم جنهن جاءِ تي پرواز ٿي وڃي، منهنجي تربت اتي ئي تعمير ڪئي وڃي.“ اتفاق سان رتيديري ۾ کوکر ذات وارا سندس مريد هوندا هئا، جيڪي سونارڪو ڪم ڪندا هئا. انهن کوکرن وٽ سيد حسين شاھہ شمسي مهمان بڻجي آيل هو ۽ رات جو کوکرن وٽ ئي رتيديري ۾ وفات ڪري ويو. کيس وصيت مطابق رتيديري ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪا درگاھہ اڄ بہ سيد حسين شاھہ شمسيءَ جي درگاھہ جي نالي سان آباد آهي. هن درگاھہ تي هر سال ٻہ وڏا ميڙاڪا ٿيندا آهن، جن مان هڪ 9 محرم الحرام تي مجلس ۽ عزاداريءَ ۽ 7 شعبان تي ’جشن خانوادہ رسول صلي عليہ وسلم‘ جي سلسلي ۾ وڏو جشن منعقد ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو