درگاھہ سخي دائود

درگاھہ سخي دائود (ماڳ): هيءَ درگاھہ نوشهري فيروز تعلقي ۾ ڳوٺ ٺٽ سولنگي ۽ ٺارو شاھہ جي وچ تي موجود آهي. هن کي ’سخيءَ جو چارو‘ بہ چوندا آهن. روايت موجب سخي دائود، اُچ شريف کان آيل بزرگن مان هو. هي روضو سخي دائود جي مٿان مير صوبدار خان 1345ھہ ۾ جوڙايو هو. هن وقت هن جا مجاور پيرزادا آهن. مزار کي لنگهہ، اوڀر ۾ ڏنل آهي. مٿان وڏو ڦارائون گنبذ ٺهيل آهي، جيڪو اٺ ڪنڊي ڳچ (Drum) جي مٿان بيٺل آهي. ڳچ، ڇت جي سنوت کان اٺ فوٽ کن اوچو نظر ايندو، جنهن کي چئن ئي پاسن کان چورس قابن سان دريون ڏنل آهن، جيڪي هڪ ڇڏي، ٻي دري هوا لاءِ کُليل ڇڏي وئي آهي ۽ اندرئين حصي ۾ محراب نما جنسار ٿيل آهي. روضي کي ڪنڊن وٽ ننڍيون مينارون ڏنل آهن. گنبذ جي مٿان ابتي ڪوڻي نما اڏاوت ۽ ان جي مٿان نيل ڏنل آهي. درگاھہ جي هر سال مرمت ٿئي ٿي. ان لاءِ پراڻيون شيون ميسارجي وڃن ٿيون. سخي دائود جي قبر اندر، وچ روضي ۾ ٺهيل ڪاٺ جي ڪٽهڙي ۾ بند آهي. زيارت لاءِ ڪـاٺ جي ڪـٽهڙي ۾ اُڪر جو ڪم ٿيل آهي. هونئن اندر قبر تائين پهچڻ لاءِ ڪٽهڙي ۾ لنگهہ بہ ٺهيل آهي. مھڙ وارو دروازو ڪاٺ جو آهي، جنهن تي اُڪر جو عاليشان ڪم ٿيل آهي. گنبذ جي اندران بہ چٽسالي ٿيل هئي، پر اها هاڻي جهَڪي ٿي وئي آهي. درگاھہ جي ڇت ۾ ڪاٺ جون ڪامون ۽ پٽيون پيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو