درگاھہ حيدر شاھہ جيلاني

درگاھہ حيدر شاھہ جيلاني: هيءُ ماڳ ڳوٺ ڏيپارجا، ديھہ ڊولو شاھہ، تعلقو موري ۾ واقع آهي. هن ماڳ جي بيهڪ 26º 47' 49.7″ ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ 67º 56' 42.5″ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي، جڏهن تہ ڊيگهہ 25.5 فوٽ ۽ ويڪر 26.5 فوٽ آهي. مقبرو جديد طرز تعمير تي پڪ سرائون ٺهيل آهن. مٿس ڪو بہ گنبذ وغيرہ اڏيل ڪو نہ آهي، ڇت خالي اٿس، چوڌاري قبرستان ۾ گهيريل آهي. مقبرو سٺي حالت ۾ آهي. لنگهہ اوڀر ۾ ڏنل اٿس، دروازو 9.8 فوٽ ويڪرو آهي. اولھہ طرف 3.4 فوٽ جو ويڪرو محراب ڏنل آهي. ٿلهي تي هڪ قبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو