درگاھہ جهنگل شاھہ (ماڳ): جهنگل جي درگاھہ دادو شھر ۾، مارڪيٽ روڊ لڳ قاضين واري مسجد جي پويان، راءِ بازار ڏانهن ويندڙ گهٽيءَ ۾ موجود آهي. جهنگل شاھہ، دادو شاھہ اول جو سئوٽ چيو وڃي ٿو. جهنگل شاھہ جي موجودہ درگاھہ نئين جوڙايل آهي، پر پراڻا سلسلا بہ نظر اچن ٿا. دادو شھر ۾ هيءَ واحد درگاھہ آهي، جنهن تي هر ماھہ ميلو لڳي ٿو، جنهن ۾ مشاعرو بہ ٿيندو آهي. الھنواز رڪڻائي پنھنجي حياتيءَ ۾ هتي محفلون مچائيندو هو. دادوءَ جا شاعر ۽ راڳي گڏ ٿي راڳ جي محفل ڪندا آهن. هن وقت استاد بخاريءَ جو نياڻو سيد هدايت حسين شاھہ لڪياري انهيءَ درگاھہ جو سجادہ نشين آهي. درگاھہ گارڊرن ٽيئرن جي ڇت سان ٻَڌل آهي. مٿي گنبذ گول، ڳچ کي هوا لاءِ دريون ڏنل آهن. اندر جهنگل شاھہ جي قبر کان سواءِ سندس ڪن پونيرن جون قبرون آهن.