درگاهه احمد راڄو

درگاهه احمد راڄو

درگاھہ احمد راڄو

درگاھہ احمد راڄو: هيءَ درگاھہ گولاڙچيءَ کان 31 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ديھہ احمد راڄو 2، ڳوٺ ۽ يونين ڪائونسل احمد راڄو، تعلقي شھيد فاضل راهو، ضلعي بدين ۾ سامونڊي پٽي ويجهو واقع آهي. هن درگاھہ ۾ مدفون بزرگ احمد راڄو ‘ڪؤنرن وارو پير’ يا ‘پير لوٽا/ لوٽا پير’ جي نالي سان عام مقبول آهي. هن درگاھہ تي زيارت يا باس باسڻ لاءِ ايندڙ عقيدتمند پاڻ سان گڏ ڪؤنرو/لوٽو کڻي ايندا آهن، جيڪو مزار تي حاضري بعد هڪ مخصوص جاءِ/ڪنڊ تي اڇلائبو آهي. هڪ ڪمري جي ايراضي تي مشتمل هي درگاھہ هڪ ٿلهي تي آهي. ڪمرو چوڪنڊو آهي، جنهن ۾ داخلي لاءِ ڪاٺ جو در ڏنل آهي. ڇت جي چئني ڪنڊن تي چورس شڪل جا ننڍا مينار آهن، جن مٿان گنبذڙيون ۽ نيل رکيل آهن، وچ ۾ گول ڳچ ۽ مٿان گولائيءَ ۾ ويڪرو گنبذ رکيل آهي. سموري گنبذ تي عمودي ۽ گول ليڪن جا دلڪش پانيل ڏنل آهن، جن مٿان پڻ هڪ نيل رکيل آهي. جنهن تي پهرين تاريخ جي اڀريل چنڊ جهڙو علامتي چنڊ رکيل آهي. ڳچ ۽ گنبذ جي هيٺين سطح تي ننڍا ننڍا ونگ ڏنل آهن، جن تي سائو ۽ نيرو رنگ ٿيل آهي. زيارتين جي ويهڻ لاءِ مقبري کان ٻاهر لوهي چادر سان ڇانو ڪيل آهي. مقبري کان ٿورو پرڀرو هڪ مسافر خانو آهي. مقبري جي اندر احمد راڄو سان گڏ سندس ڀيڻ دادي آس ٻائي جي مزار پڻ آهي. درگاھہ جي تعمير ٿيل هن عمارت ۽ مسافر خاني جو افتتاح اڳوڻي وزير اعلى سنڌ ممتاز ڀٽي ڪيو. درگاھہ جي سار سنڀال اوقاف کاتي جي ذميداري آهي. هن وقت درگاھہ جو مجاور خليفو عمر آهي. هن درگاھہ تي هر مهيني جي نئين چنڊ ڏسڻ کانپوءِ پهرئين آچر جي رات ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ مقامي توڙي سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل پانڌيئڙا وڏي عقيدت ۽ احترام سان شريڪ ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو