درٻار مڙهي ڌيرج گر

درٻار مڙهي ڌيرج گر: هيءُ ماڳ، جهول شھر ويجهو جهول - ٻوٻي لنڪ روڊ تي ٿھيم شاخ لڳ، ديھہ ڌام رکي ۾ واقع آهي، جيڪا هندو جاتي جي ماڻهن لاءِ ياترا جي جاءِ آهي. گو سوامي ڌيرج گر جو اهو آشرم ۽ مڙهي جهول شھر کان ٻاهر آهي، پر هن شھر ۾ رهندڙ هندو جاتي جي ياترا جو مرڪز آهي. درٻار مڙهي ڌيرج گر بہ سئو سال کن قديم آهي. جهول جي هندو جاتين خاص ڪري مهراجن جي عرض تي اڳوڻي ايم. اين. اي ڪشنچند پارواڻيءَ درٻار مڙهي ڌيرج گر تي هڪ عاليشان هال ٺهرائي ڏنو.


لفظ درٻار مڙهي ڌيرج گرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو