دريا خان مريءَ جو منارو ۽ مندر

دريا خان مريءَ جو منارو ۽ مندر: کيئل ٻائيءَ جو تعمير ڪرايل هيءُ مندر ۽ منارو، ضلعي نوشهري فيروز جي تاريخي شھر دريا خان مريءَ ۾ واقع آهي. هيءُ مندر ۽ منارو 85 فوٽ بلند آهي ۽ ٻہ اڍائي سئو سال اڳ جو چيو وڃي ٿو. کيئل ٻائي سخي عورت هئي. خير جا ڪم ڪرڻ جي حوالي سان پوري علائقي ۾ مشھور هئي. هن هي منارو ۽ مندر پنھنجي مڙس منگهارام جي ياد ۾ تعمير ڪرايو هو.
هيءُ منارو ۽ مندر فنِ تعمير جو هڪ بھترين نمونو آهي. مناري تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪا آهن. پري کان ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هي منارو ۽ مندر ضلعي نوشهري فيروز جي قديم آثارن ۾ شمار ٿين ٿا ۽ وڏي اهميت رکن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو