
دريا خان شنباڻي
دريا خان شنباڻي: محقق، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس دريا خان ولد الاهي بخش شنباڻي 16 ڊسمبر 1976ع تي ڳوٺ خان شنباڻي'>دريا خان شنباڻي، تعلقي ڪوٽڏجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. هن ايم. اي (سنڌي ادب) جي ڊگري شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. هن جا شاھہ عبداللطيف بابت ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘ڪچا رشتا’ (ڪھاڻيون: 2015ع)، ‘محبت جي زنجير-جيون رنگ هزار’ (ٻہ ناوليٽ: 2019ع) ۽ ‘ڏاڍي ٿي’ (مزاحيہ ڪالم:2020ع) شامل آهن. کيس ‘شھيد نسيم کرل اوارڊ’ (ڪھاڻين تي)، ‘سنڌ رنگ اوارڊ’ ۽ ‘موزل شاھہ جيلاني’ اوارڊ مليا آهن.
1976.12.16 عيسوي
محقق، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس دريا خان ولد الاهي بخش شنباڻي 16 ڊسمبر 1976ع تي ڳوٺ دريا خان شنباڻي، تعلقي ڪوٽڏجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.