درياهي ڪينو/ درياهي کرو

درياهي ڪينو/ درياهي کرو

درياهي ڪينو درياهي کرو

درياهي ڪينو/ درياهي کرو (Indian River Tern/Sterna Auratia): هيءُ ميداني علائقي جو پکي آهي. هن جي جسامت 40 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي. نر توڙي مادي شڪل ۾ هڪجهڙا ٿين ٿا. رنگ جو اڇو آهي ۽ اُن جو پڇ ٻہ ڦاڪو ٿيندو آهي. هن پکيءَ جو اکين تائين مٿي جو رنگ اونهاري ۽ بھار ۾ چمڪدار ڪارو رهندو آهي. هن پکيءَ جي چهنب پيلي رنگ جي، پير ڳاڙها، ڪنڌ جا پر ڪارا ۽ کنڀ سليٽي رنگ جا ٿين ٿا. اڪثر درياھہ تي شڪار ڪندو آهي. جيتوڻيڪ مزاج ۾ گروهي پکي ناهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ولرن جي صورت ۾ بہ ڏسبو آهي. پاڻيءَ ۾ هر هر ٽٻيون هڻي وهنجندو آهي. اهڙو عمل ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا ورجائيندو آهي. هي پکي پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏيئي مڇي وغيرہ کي شڪار ڪندو آهي. هن پکيءَ جي مادي مارچ کان مئي مهيني ۾ آنا ڏئي ٿي. آنا گهڻو ڪري ڍنڍ جي ڪناري واريءَ ۾ لاهيندي آهي. هي پکي پنهنجو آکيرو ڍنڍ جي ڪناري سان ٺاهيندو آهي. هن جي آنن جو رنگ سائو خاڪي ٿيندو آهي، جن تي ناسي رنگ جا چٽ ٿيندا آهن. هي پکي ڀٽ يا دڙي تي آکيرو ٺاهيندو آهي. طبيعت ۾ ويڙهاڪ آهي. حملي آور تي جوابي الر بہ ڪندو آهي. خطري وقت زوردار چيخون ڪندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو