دروپدي

دروپدي

دروپديءَ جي سويمورَ جي خيالي تصوير

دروپديءَ جي سويمورَ جي خيالي تصوير

دروپدي

دروپدي: دروپدي، پانچال ديش جي راجا دروپد جي ڌيءُ ۽ پانڊون جي زال هئي. دروپديءَ کي ڪيترن ئي نالن سان سڏيو وڃي ٿو، جھڙوڪ: ڪرشن ڀڳتياڻي هئڻ ڪري ڪرشنا دروپدي، پانچال ديس سان تعلق رکڻ ڪري پانچالي، ان کان سواءِ سِران ڌري، يجناسيني، پنچ ڪنيا، مهاڀارتي وغيرہ.
دروپديءَ جو پيءُ راجا دروپد، پنھنجي نياڻيءَ جي شادي ارجڻ پانڊوَ سان ڪرائڻ جو خواهشمند هو، پر جڏهن هن پانڊوَن جي باھہ ۾ سڙڻ جو افواھہ ٻُڌو تہ مايوس ٿي ويو، وري جڏهن کيس پانڊون جي زندھہ هئڻ جو ڳجهو اطلاع مليو تہ هن دروپديءَ جو سوئمور (مڙس چونڊجڻ جي رسم/ مقابلي) جو پڙهو گهمارايو. اها ڳالھہ پانڊوَن جي ڪنن تائين بہ پهتي، ڇو تہ راجا دروپد کي يقين هو تہ جيڪڏهن پانڊوَ زندہ آهن تہ اهي سويمور جي رسم ۾ ضرور شامل ٿيندا. ان وقت پانڊوَ روپوش حالت ۾ برهمڻن جي ويس ۾ لڪل هئا، اهي بہ سويمور ڏسڻ لاءِ پانچال ديس پهتا، جتي سويمور ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪيترن ملڪن جا راجا مهاراجا آيل هئا، جن ۾ ڌرتراشٽر جا پٽ بہ شامل هئا. ان سويموَر جي هڪ منڊپ ۾ هڪ مڇيءَ جو عڪس پاڻيءَ تي پئجي رهيو هو، ان پاڻيءَ واري عڪس کي ڏسي ڇت تي گهمندڙ مڇيءَ جي اک ۾ تير هڻڻو هو. سويمور موجب جيڪو بہ تير هڻي سگهيو، ان کي دروپديءَ جو هٿ ڏنو ويندو. ڪيترن سورمن پنھنجي طاقت ۽ هوشياري آزمائي، پر ناڪام ٿيا، آخر ۾ برهمڻن جو ويس پاتل ارجڻ چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن کيس اجازت ڏني وڃي تہ هُو اهو ڪم بخوبي سرانجام ڏئي سگهي ٿو. ان تي کيس اهو چئي اجازت ڏني وئي تہ هتي برهمڻ ۽ کتريءَ جي ڪا بہ تميز نہ آهي، جيڪو بہ سُوروير (بھادر) آهي، اهو پاڻ مڃائي ڏيکاري. ارجڻ، ڌنش تي ڏور چاڙهي، مڇيءَ جي اک ۾ تير هڻي ڪڍيو، جنهن تي منڊپ ۾ موجود سڀ راجا حيرت ۽ حسد ۾ ڀرجي ويا. ائين اهو سويمور ارجڻ کٽي ورتو.
دروپديءَ کي کٽڻ کان پوءِ پانڊوَن، اها خوشخبري پنھنجي ماءُ ڪنتيءَ کي ٻڌائيندي چيو ته، ”اسان هڪ شيءِ کَٽي آهي“، ان تي سندن ماءُ جواب ڏنو ته، ”اها شيءِ اوهان پنجئي ڀائر پاڻ ۾ ونڊي ورڇي کڻو.“ ماءُ جو حڪم پاڙڻ لاءِ انهن پنجن ئي ڀائرن دروپديءَ لاءِ ڏينهن مقرر ڪري، مقرر ڏينهن تي کيس پاڻ وٽ رهايو. دروپديءَ کي ان فيصلي تي ڏاڍو ڏُک پهتو، ڇو تہ هن پنجن مڙسن بدران هڪ مڙس وٽ رهڻ چاهيو ٿي. کيس شري ڪرشن کي ڪيل پنھنجي پرارٿنا ياد آئي، جنهن موجب سندس مڙس ۾ پنج گڻ هئڻ گهرجن. جيئن تہ اهي گڻ پنجن ئي پانڊون ۾ موجود هئا، ان ڪري سندس خواهش موجب اها شادي درست ٿي هئي. پانڊون کي 12 سال بن ۾ ۽ هڪ سال روپوش رهڻ جو حڪم مليل هو، جنهن بعد کين راڄ ملڻو هو. ان عرصي دوران دروپدي، هڪ راڻيءَ جي داسي بڻيل رهي، جتي هوءَ اُن راڻيءَ جا وار سنواريندي هئي، پانڊوَن جو وڏو ڀاءُ يُڌشٽر ان ديش جي راج جو منتري (وزير) ۽ ڀيم بورچي بڻيو، جڏهن تہ نڪل ۽ شهديو راجا جي گهوڙن جي سار سنڀال ڪندا هئا، يعني اُهي ’سئنس‘ بڻيا، جڏهن تہ ارجڻ، راجڪماريءَ کي ناچ سيکاريندو هو.
دروپدي، جنهن راڻيءَ جو سينگار ڪندي هئي، ان جي ڀاءُ ڪشڪ، هڪ ڀيري دروپديءَ تي بُري نظر وڌي ۽ سندس اپمان ڪيو. ڀيم کي اها ڳالھہ پسند نہ آئي ۽ هن ڪشڪ کي هڪ ڪمري ۾ سڏائي ماري ڇڏيو.
دروپديءَ سان هڪ ٻيو بہ واقعو پيش آيو. واقعو هن ريت آهي تہ جڏهن دروپديءَ جو سويمور ٿيو هو تہ ان وقت سنڌ جي راجا جئدرٿ دروپديءَ کي ڏٺو هو ۽ مٿس موهت ٿي پيو هو. هڪ ڀيري جڏهن پانڊوَ شڪار تي ويل هئا تہ جئدرٿ موقعو ڏسي، دروپديءَ جي جهوپڙيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ کيس کڻي ويو. پانڊون هن کي اڌ رستي تي وڃي جهليو ۽ اتي سخت مهاڀاري لڙائي لڳي، جنهن ۾ جئدرٿ هارايو ۽ اتان ڀڄي نڪتو، پر ٻيهر پڪڙجي پيو. کيس ان شرط تي جيئدان ڏنو ويو تہ هو ٻين جي سامهون پاڻ کي ذليل ڪري جيئدان گهري. هن جنگ جا وڌيڪ تفصيل ڊيگهہ سبب بيان نہ ٿا ڪجن.
مهاڀارت جي جنگ کان پوءِ پانڊوَ هستناپور هليا آيا. هستناپور ۽ اندر پرست تي يڌشٽر حڪمراني ڪئي، جيڪو پانڊون ۾ وڏو هو. دروپديءَ کي راج ماتا ۽ پٽ راڻيءَ جو لقب ڏئي راجا يڌشٽر سان گڏ تخت تي ويهاريو ويو.


لفظ دروپديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو