
درود شريف
درود شريف: لفظ دُرود فارسي ٻوليءَ جو آهي، صلواة، رحمت، تحسين، آفرين، حمد، ثنا، استغفار، سلام جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. دُرود جيڪڏهن ﷲ تعاليٰ طرفان آهي تہ ان جي معنيٰ رحمت ۽ برڪت ٿيندي. جـيـڪــڏهـن مـلائـڪــن طرفان آهي تہ ان جو مطلب استغفار ٿيندو. جيڪڏهن مومنن طرفان (خصوصاً نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم تي) هوندو تہ اهو دعا ۽ سلام هوندو ۽ جيڪڏهن ٻي ساهواري مخلوق طرفان هوندو تہ اهو تسبيح ۽ حمد هوندو. (اردو لغت ج: 9، ص: 158، جامع اللغات ج: 1، ص: 997،، جامع سنڌي لغات ج: 2، ص: 889). درود کي عربيءَ ۾ ’صلوات‘ چئبو آهي، جنهن جي معنيٰ رحمت، فضل، مِهر، رضا آهي. لفظ صلواة نماز لاءِ بہ ڪم ايندو آهي. نماز خود هڪ دعا ۽ عبادت آهي. لفظ صلوٰة جون ٻہ معنائون آهن. جڏهن صلوات معنيٰ نماز وٺبي تہ اها خالص خدا تعاليٰ جي عبادت ۾ شامل ٿيندي. صلواة جي ٻي معنيٰ درود آهي، يعني رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم تي صلواة ۽ سلام.
درود خدا جي ذات، نبي پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم تي موڪليو آهي، جنهن جو ثبوت قرآن ڪريم جي آيت: اِنَّ اللهَ وَملٰئِڪَتَھ يُصَلُّونَ عَلَي النَّبِيط (الاحزاب: 56) آهي، جنهن جو مطلب آهي تہ: ”بنا شڪ جي ﷲ تعاليٰ ۽ ان جا فرشتا نبي پاڪ تي درود پڙهي رهيا آهن.“ نبي پاڪ تي درود جو حڪم ايمان آڻيندڙن کي بہ ڏنو ويو آهي.
هن آيت جي ٻئي حصي ۾ حڪم آهي تہ: ’يا ايها الذين آمنوا صلوا عليھ وسلِموا تسليما‘ يعني: ’اي ايمان وارؤ! اوهان بہ حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن تي درود پڙهو ۽ ادب ۽ احترام سان کين سلام پيش ڪريو.‘
جڏهن مٿين آيت نازل ٿي ۽ مؤمنن کي درود ۽ سلام پڙهڻ جو حڪم مليو، تہ صحابہ ڪرام حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي عرض ڪيو تہ يا رسول ﷲ! اسان اوهان تي درود ۽ سلام ڪيئن پڙهون؟ پاڻ فرمايائون تہ هن طرح پڙهو: اَللّٰهُمَ صَلِ عَلىٰ مُحَمَّدٍ وَعَلىٰ آلِ مُحَمَّدٍ ڪَمَّا صَلَّيْتَ عَلىٰ اِبْرَاهِيْمَ وَعَلىٰ آلِ اِبْرَاهِيْمَ اِنَّكَ حَمِيْدٌ مَّجِيْد. اهو ئي درود نماز ۾ بہ پڙهبو آهي. هن درود شريف کي ’درودِ ابراهيمي‘ سڏجي ٿو.
علامہ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح، درود شريف جي صيغن جي تحقيق ڪئي، جيڪي صحابہ ڪرام، ائمھ ڪرام، تابعين، تبع تابعين ۽ سلف صالحين کان روايت ٿيل آهن، جن جي سندَ سان نسبت حضور محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم ڏانهن آهي. هن اهڙن 186 درودن جي صيغن تي مشتمل فارسيءَ ۾ هڪ ڪتاب ’ذريعة الوصول اليٰ جناب الرسول‘ لکيو. صحاح ستھ ۽ ٻين حديثن تي مشتمل ڪتابن ۾ درود شريف ۽ ان جي فضيلت ۽ اهميت تي باب موجود آهن. ان کانسواءِ ڪيترن عالمن ۽ بزرگن هر ٻوليءَ ۾ درود ۽ ان جي اهميت ۽ فضيلت تي ڪيترا ڪتاب لکيا آهن.
عالم اسلام سان گڏ سنڌ جي بزرگن بہ درود پاڪ بابت ڪتاب لکيا آهن. سنڌيءَ ۾ درود شريف تي فقير محمد اسماعيل ڪنڀار نقشبنديءَ جو ’برڪات الصلواة‘، فيض محمد سڪندريءَ جو ’فيضان الصلوٰة‘ ۽ ٻيا ڪتاب موجود آهن.
اها حقيقت آهي تہ قرآن شريف کانپوءِ وڌ ۾ وڌ درود شريف پڙهيو وڃي ٿو. حضور صہ جن جو فرمان آهي تہ: ”اِن اولي الناس بي يوم القيٰمة اکثرهم علي الصلواة.“ (يعني: قيامت جي ڏينهن اسان کي اهو شخص سڀ کان وڌيڪ ويجهو هوندو، جنهن اسان تي درود شريف سڀ کان وڌيڪ پڙهيو هوندو.)