درس غازي سکرالدين

درس، غازي سکرالدين: ڊاڪٽر غازي سکرالدين ولد محمد عارف درس، 31 مارچ 1964ع تي ڳوٺ ڍليار، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم باکريجي، مئٽرڪ نيشنل اسلاميہ هاءِ اسڪول کپري ۽ انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. 1987ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن ڊاڪٽري پيشي جي شروعات پنھنجي ڳوٺ ڍليار جي بيسڪ هيلٿ يونٽ کان ڪئي. 1990ع کان 1999ع تائين سول اسپتال حيدرآباد ۾ ڄام شوري ۾ سي. ايم. او ۽ رجسٽرار رهڻ کان سواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ميڊيڪل آفيسر، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر ۽ ڪراچيءَ جي اولھہ ضلعي جو ڊي. سي. او (نيشنل پروگرام) ٿي رهيو. شھيد صبغة ﷲ شاھہ راشديءَ ۽ سنڌ جو شيدائي هو. سورهيه بادشاھہ جي زندگيءَ ۽ جدوجھد تي ڪيترائي مضمون لکيائين. سندس خواهش هئي تہ لنڊن جي برٽش لائبرريءَ مان سورهيه بادشاھہ جي جدوجھد تي تحقيق ڪري، Ph.D ڪري. سنڌالاجيءَ ۾ ايڇ. ڊي لئمبرڪ ڪارنر قائم ٿيڻ خلاف اخباري ڪالمن ذريعي سخت احتجاج ڪيائين. سورهيه بادشاھہ جي ورسين تي پابنديءَ باوجود ڍليار جي علائقي ۾ وڏي پئماني تي ورسيون ملهائي مڃتا ماڻيائين. مسڪينن جي مدد ۽ سهائتا خاطر مفت ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪرڻ، غريب شاگردن کي مفت ٽيوشن پڙهائڻ ۽ انهن جي هڙان وڙان مدد ڪرڻ پنھنجي عبادت سمجهندو هو. علائقي جي ڪافي معتبر ماڻهن کي جھالت جي ڌٻڻ مان ڪڍي، پڙهائي، اعليٰ مقام تي آندائين. پاڻ سٺو مقرر، ڪمپيئر، مضمون نويس ۽ ڪالم نگار پڻ هو. 29 اپريل 2000ع تي ڦوھہ جوانيءَ ۾ لاڙڪاڻي لڳ، ساهراڻي گهر ۾ قتل ٿي ويو. سندس لکيل مضمونن، تقريرن ۽ اخباري ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ’سکر سِر نہ سانڍين‘ 2001ع ۾ کپري مان شايع ٿيو، جنهن کي سندس دوستن ڊاڪٽر نور محمد ڀٽي، استاد محمد جمن گجو، عبدالواحد درس ۽ الھہ ورايي اُداسي بھڻ ترتيب ڏئي شايع ڪرايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.03.31  عيسوي

ڊاڪٽر غازي سکرالدين ولد محمد عارف درس، 31 مارچ 1964ع تي ڳوٺ ڍليار، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو.


2000.04.29  عيسوي

29 اپريل 2000ع تي ڦوهه جوانيءَ ۾ لاڙڪاڻي لڳ، ساهراڻي گهر ۾ قتل ٿي ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄيٺا لال ايسراڻي ’نريش‘
ايشوري جوتواڻي
بيبي راستي
امام بخش سومرو حافظ
ادريس جتوئي
آصف نواز جنجوعا
پنهور خان محمد ڊاڪٽر
غلام عباس ڀنڀرو
لعل بخش جسڪاڻي
چنڙ بشير احمد ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون