درس، عبدالغني: نامور صحافي ۽ اديب عبدالغني درس 29 مارچ 1956ع تي ڳوٺ الھداد چنڊ، ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو شير محمد درس آهي. هن ابتدائي تعليم نسيم پرائمري اسڪول الھداد چنڊ ڳوٺ حيدرآباد مان حاصل ڪئي. بعد ۾ مصطفيٰ اورينٽل ڪاليج مان اديب عالم فاضل، بي. اي. ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي سوشيالاجي ۽ ايم. اي صحافت ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. هن پنھنجي نوڪري ڪمپازيٽر جي حيثيت ۾ روزاني عبرت اخبار ۾ شروع ڪئي. بعد ۾ نامور صحافي ۽ ايڊيٽر خير محمد کوکر جي رهنمائيءَ ۾ پروف ريڊر، سب ايڊيٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر، عبرت سنڊي ايڊيشن، ٻارن جي صفحي، ديني صفحن جو انچارج مقرر ڪيو ويو. پندرهن روزہ ڪاوش مئگزين ۽ پندرهن روزہ عبرت مئگزين ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رهيو. بعد ۾ روزاني سنڌ نيوز ۾ انچارج ايڊيٽر ۽ روزاني خلق ۽ روزاني مهراڻ ۾ آخري ڏينهن ۾ ڪم ڪيائين.
سندس ڪهاڻين جو مجموعو ’منزل منزل دوکو‘ شايع ٿي چڪو آهي. هن حضرت علي عليہ السلام ۽ حضرت امام حسين عليہ السلام بابت ڪتاب تحرير پڻ ڪيو هو. هن نوجوانن، ليکڪن جي همت افزائي ۽ رهنمائي ڪري، انهن جون ڪهاڻيون شايع ڪيون. ينگ رائيٽرس گلڊ سنڌ جو ڪنوينر رهيو. سنڌ يونين ۽ ڪراچيءَ ۾ جلسن منعقد ڪرڻ تي ملٽري ڪورٽ کيس سزائون ڏنيون. اردو اخبار مساوات جي بحاليءَ جي جدوجھد دوران لاهور مان گرفتار ڪري پنجاب بدر ڪيو ويو. غني درس ريڊيو پاڪستان جي لاءِ فيچر ۽ ٽي وي تي پروگرام پيش ڪيا. پاڪستان نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول بورڊ سنڌ جو صوبائي ميمبر پڻ رهيو. 1985ع ۾ ڪائونسلر جي چونڊ ۾ بيٺو.
عبدالغني درس فالج جو حملو ٿيڻ سبب 4 مارچ 2007ع تي وفات ڪري ويو.
1956.03.29 عيسوي
نامور صحافي ۽ اديب عبدالغني درس 29 مارچ 1956ع تي ڳوٺ الهداد چنڊ، ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
2007.03.04 عيسوي
عبدالغني درس فالج جو حملو ٿيڻ سبب 4 مارچ 2007ع تي وفات ڪري ويو.