درسگاھہ ٽلٽي: سنڌ جي قديم درسگاهن مان ٽلٽيءَ جي درسگاھہ اهم هئي. سمن جي دور ۾ هن درسگاھہ جو تمام وڏو عروج هو. ٽلٽيءَ جو ڳوٺ هن وقت تعلقي سيوهڻ جي ڀان سعيدآباد کان 7 ڪلوميٽر کن اوڀر تي آهي. سنڌ ۾ ٽلٽيءَ جو شھر سيوهڻ کان پوءِ جنگي نقطهء نظر سان مرڪزي شھر رهيو هو. سمن جي دور ۾ ارغونن سان ٽلٽيءَ ۾ جنگيون وڙهيون ويون هيون. سيوهڻ کان پوءِ ٽلٽي، بوبڪ، ڳاها ۽ پاٽ وڏا علمي ۽ سياسي مرڪز هوندا. ٽلٽيءَ جي درسگاھہ ظاهري علم سان گڏ روحاني فيض جو مرڪز هئي، جتي مخدوم بلاول وڏو محدث ۽ فقيھ موجود هو، جنهن جي باري ۾ مولانا غوثي بن حسن بن موسيٰ مانڊوي، پنھنجي تصنيف ’گلزار ابرار‘ ۾ هدايت ﷲ سنڌي برهانپوريءَ جي روايت سان لکيو آهي ته، ”مخدوم بلاول کي خواجہ خضر کان روحاني فيض حاصل ٿيو.“ مخدوم بلاول، بلاولي تحريڪ جو باني هو، جنهن سنڌ واسين کي ٽلٽيءَ جي درسگاھہ ۾ قرآن مجيد، تفسير، حديث، فقھ ۽ شريعت جي علم سان روشناس ڪيو. سڄيءَ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪيترا علم جا پياسا، سندس درسگاھہ ۾ علم پرائڻ آيا. مخدوم بلاول عالم، محدث ۽ فقيھ هئڻ سان گڏ، ڌرتيءَ جو سچو سپوت هو، جنهن دين سان گڏ وطن خاطر ارغونن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ارغونن پاران کيس گهاڻي ۾ پيڙي شھيد ڪيو ويو. ان وقت ۾ هن درسگاھہ ۾ ڪيترا شاگرد پڙهي رهيا هئا، جيڪي اڳتي هلي وقت جا وڏا عالم ثابت ٿيا، جن ۾ مخدوم عربي ڌياڻو، مخدوم اسحاق ۽ سندس پٽ مخدوم احمد، مخدوم احمد هالا پراڻا، درويش جرڪس (ڳوٺ ونگي چاچڪان وارو)، مخدوم جعفر بوبڪائي، مخدوم صدو لانگاھہ، قاضي قاضن، شاھہ صدر سنائي، قاضي ابو سعيد سيوستاني، بن قاضي ابراهيم'>قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم درٻيلوي، شيخ عبدالله متقي بن مولانا سعيد درٻيلوي، مولانا يونس سمرقندي، مير سيد صفائي بن سيد مرتضيٰ الحسيني، الترمذي بکري، غياث الدين بکري، مير ابو سعيد پوراني بکري ۽ سندس پٽ مير بايزيد، ميرڪ مخدوم محمود، مخدوم محمود فخرپوٽو ڪاهاني ۽ سندس پٽ مولانا اثيرالدين ۽ مولانا يار محمد، شيخ قاسم ۽ سندس پٽ شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي، شيخ طاهر محدث پاٽائي، مولانا يونس لاکو سنڌي، مولانا شيخ مبارڪ پاٽائي،قاضي ڏتو سيوهاڻي'> قاضي ڏتو سيوهاڻي ۽ ٻيا ڪيترا شامل آهن. انهن سڀني شاگردن جو سرڪردو مخدوم ڏتو سيوهاڻي هو، جنهن تفسير ۽ حديث جي تڪميل ٽلٽيءَ جي درسگاھہ ۾ ڪئي ۽ عربي ٻوليءَ، علم نجوم، علم جعفر ۽ ڪشف جو ماهر هو. هن مدرسي ۽ ان سان گڏ مسجد هاڻي بہ ٽلٽيءَ ۾ موجود آهي.