درسگاھہ مخدوم عربي ڌياڻو

درسگاھہ مخدوم عربي ڌياڻو: سـنـڌ جـي قـديـم درسـگاهـن ۾ مـخـدوم عـربـي ڌيـاڻـي جـي درسگاھہ جو پڻ ذڪر ملي ٿو. مخدوم عربي ڌياڻو، پير آسات جو ڀاءُ هو. وڏو عالم عارف ۽ ڪمال جو صاحب هو. هن ٽلٽيءَ جي مدرسي ۾ مخدوم بلاول وٽ تعليم حاصل ڪئي هئي. هن بابت روايت آهي تہ هڪ هنڌ ويهي قرآن مجيد جا 140 ختما ڪڍيا هئائين. سندس درسگاھہ هالڪنڊي (هالا) ۾ هئي، جيڪا سندس پنهنجيءَ خانقاھہ ۾ قائم ٿيل هئي. ڪيترا شاگرد وٽائنس ظاهري ۽ باطني علم سان فيضياب ٿيا. مخدوم نوح رح بہ وٽائنس علم پرايو. مخدوم عربي ڌياڻي جي وفات کان پوءِ سندس پٽ مخدوم بايزيد ان درسگاھہ ۾ درس تدريس جو علم جاري رکيو. مخدوم بايزيد، پنھنجي والد کان تعليم حاصل ڪئي هئي. پاڻ والد جيان ظاهري علم سان گڏ باطني علم جو صاحب هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو