درسگاھہ صديقي: هيءَ درسگاھہ سيتا، ضلعي دادوءَ ۾ انگريزن جي دور ۾ قائم ٿي. هن درسگاھہ جو باني مولانا محمد صديق سيوستاني هو، جيڪو معقول ۽ منقول جو وڏو ماهر عالم، مناظر، متڪلم ۽ فقيھ هو. هن درسگاھہ مان سوين ماڻهن درس ورتو، جيڪي پنھنجي وقت جا جيَد عالم ليکيا وڃن ٿا، تن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولوي عبدالعزيز ملڪاڻي، مولوي عبدالرزاق بوبڪائي، مولوي عبدالله سيتائي، مولوي رحمت ﷲ سيتائي، مولوي عبدالقيوم بختيارپوري، مولوي عبدالرحيم بختيارپوري وغيرہ شامل آهن. هيءَ درسگاھہ پنھنجي دور جي مشھور درسگاهن ۾ شمار ڪئي ويندي هئي.