دراني، جھان خان، مـولانـا: مـشهـور عالـم، مـولانا جـهـان خـان ولـد خداداد خان دراني شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس نسبت جو سلسلو اهل ﷲ بزرگ حافظ مدد خان درانيءَ سان ملي ٿو. سنڌي ۽ انگريزيءَ جي تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين. هن عربي ۽ فارسي جي تعليم سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ مولانا محمد صادق کڏي واري جي والد بزرگ مولانا عبيدالله وٽ حاصل ڪئي. ڪجهہ وقت مولانا قاضي خان محمد شاھہ لودين وٽ بہ تعليم حاصل ڪيائين. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد 1892ع ۾ مدرسو پڻ قائم ڪيائين. پاڻ مهمان نوازيءَ ۾ ڏيهان ڏيھہ مشھور هو ۽ پاڻ اڪثر روزي ۾ رهندو هو. سڄي عمر تعليم ۽ تبليغ ۾ گذاريائين. ڪيترن غير مذهب ماڻهن کي مسلمان ڪيائين. ان ڪري مٿس گهڻيون ئي تڪليفون پيش آيون، ڪيس داخل ٿيا، پر پاڻ ثابت قدم رهيو. طريقت جي سلسلي ۾ خواجہ عبدالرحمان جان سرهنديءَ جو مريد هو. افغانستان جي بادشاھہ امير حبيب ﷲ خان کيس گورنريءَ جي آڇ ڪئي، مگر مولانا انڪار ڪيو. سندس علم ۽ فضل مان سوين عالم مستفيض ٿيا. نامور عالم مولانا تاج محمود امروٽي بہ سندس شاگرد هو. مشھور شاعر، عالم ۽ حڪيم مير علي نواز علوي ۽ قاضي سيد بھادر شاھہ سندس گهاٽا دوست هوندا هئا. پير شاھہ مردان شاھہ ’اول‘ پنجون پاڳارو بہ ساڻس گهڻي محبت رکندو هو. هن 10 اپريل 1913ع تي وفات ڪئي. سندس هڪ فرزند مولانا عبدالرحمان بہ نامور بزرگ ٿي گذريو آهي. شڪارپور ضلعي ۾ قائم شھر ’جھانيان‘ مولانا جھان خان جي نالي پويان آباد ٿيو.