درازي، راضي سائين

درازي، راضي سائين

درازي راضي سائين

درازي، راضي سائين: لاهور جي سنڌي صوفي شاعر، بزرگ راضي سائين درازيءَ جو اصل نالو محمد حسن ولد ڪريم بخش هو. سندس جنم 1915ع ڌاري خيرپور ڀرسان پير جي ڳوٺ ۾ ٿيو. سندس والد بہ وقت جو عالم ۽ نيڪ ٻانهو هو. راضي سائينءَ کي پنھنجي والد گهوٽڪيءَ جي هڪ بزرگ ڪرم ﷲ وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو، جتان قرآن شريف ترجمي ۽ تفسير سان حفظ ڪيائين. هن شروعاتي سنڌي تعليم بہ اتي ئي حاصل ڪئي. هن جي اتي هڪ خوبصورت سيد زادي جمن شاھہ سان دوستي ۽ محبت رهي. اوچتو جمن شاھہ وفات ڪري ويو تہ راضي سائين سندس فراق ۾ صفا ديوانو ٿي پيو. سترهن ڏينهن تائين سندس قبر سان چنبڙي آھہ زاري ڪندو رهيو، جڏهن ڪجهہ سامت ۾ آيو تہ حقيقي عشق الاهيءَ جي طلب ۽ مرشد ڪامل حاصل ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيس. هو سنڌ ڇڏي ملتان ويو، جتان دهليءَ روانو ٿيو، جنهن بعد آگري ويو ۽ اُتان اجمير ۾ معين الدين چشتيءَ جي عرس ۾ شريڪ ٿي، اتي ڪيترن فقيرن، درويشن ۽ صوفين سان روح رهاڻيون ڪيائين. ڪجهہ عرصو اُتي رهڻ بعد واپس سنڌ وريو. مست حال ۽ بيخوديءَ جي عالم ۾ هر شيءِ کان بيزار، تنهائيءَ ۾ خلق کان پري، ويران جڳهن ۽ جهنگن ۾ رهڻ لڳو. ان وقت سندس عمر ارڙهن سال مس هئي. آخر طريقت جو رستو اختيار ڪرڻ لاءِ مستي ۽ مجذوبيءَ واري حالت ۾ بغداد شريف لاءِ پنڌ پيو ۽ سخي محمد شفيع ناريوال جو طالب ٿيو. سرڪاري تپيدار هو، پر ملازمت جي پرواھہ نہ ڪيائين. تصوف جي رنگ ۾ رچي سچل سرمست جي درگاھہ اچي وسايائين. جتي 14 سال فقير ٿي رهيو، بعد ۾ درگاھہ جي جانشين سخي قبول محمد جي حڪم تي ضعيف ماءُ جي خدمت لاءِ پنجاب ويو. داتا درٻار ۾ حاضريءَ دوران سندس ملاقات هڪ بزرگ سان ٿي، جنهن کيس ’راضي سائين درازي‘ نالو ڏنو ۽ مرشد جي حڪم تي ڪجهہ پنڌ تي پنهنجو آستانو اڏيائين، راضي سائينءَ کي ننڍپڻ کان شاعريءَ جو شوق هو. راڳ ۾ سماع کي پسند ڪندو هو. سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪيائين. سندس عارفاڻو ڪلام ’ديوان عشق‘ جي نالي سان ۽ سندس عارفانہ ڳالهين ۽ تقريرن تي مشتمل ٻہ ڪتاب ’فرح الفقر‘ ۽ ’اسم ذات جسم فقير‘ عنوان سان سندس پوئلڳ فقير خيال ﷲ سهيڙي شايع ڪرايا. هيءُ بزرگ 11 ڊسمبر 1975ع تي ڊگهي علالت بعد وفات ڪري ويو، کيس پنھنجي آستاني ۾ دفن ڪيو ويو. سندس درگاھہ دارا الفقراء لاهور ڀرسان ملتان روڊ تي چوهنگ ۾ آهي. سندس عقيدتمند، فقير، ڄيٺ جي نائين ۽ ڏهين تاريخ تي مقبري تي ’ڄيٺ ميلو‘ ملهائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.12.11  عيسوي

هيءُ بزرگ 11 ڊسمبر 1975ع تي ڊگهي علالت بعد وفات ڪري ويو، کيس پنهنجي آستاني ۾ دفن ڪيو ويو. سندس درگاهه دارا الفقراء لاهور ڀرسان ملتان روڊ تي چوهنگ ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي محمد پيرازدو
ڄام دائود
اياز پاٽولي
پرٿوي راج چوهاڻ
قوي خان
بزمي نثار جوڻيجو
ڀٽو صنم
در محمد گائنچو
صوڀراج پرسرام مينگهاڻي
باتو خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون