
دجله ندي
دجله ندي (Tigris River): هيءَ ندي اوڀر ترڪيءَ مان نڪري عراق کان وهندي فرات درياھہ سان ملي ٿي. دجلا جي ڪل ڊيگهہ 1900 ڪلوميٽر آهي ۽ هيءَ 1،100،000 چورس ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ايراضيءَ کي سيراب ڪري ٿي. قديم وقت ۾ دجله ۽ فرات جي وچ وارو علائقو دنيا جي شروعاتي شھري تهذيبن جي عڪاسي ڪندڙ هو. ڪيترائي ننڍا ننڍا درياھہ بہ عراق ۾ دجله درياھہ ۾ اچي ملندا هئا. درياھہ جي ڪناري تي آباد وڏن شهرن ۾ درياھہ بڪر (ترڪي) موصل ۽ بغداد (عراق) آهن. درياھہ گهڻو گهرو آهي، ان ڪري ان ۾ رڳو ٻيڙيون ئي هلي سگهن ٿيون. اشوريه جي قديم گاديءَ جي هنڌ نينوه جا آثار دجله نديءَ جي ڪناري تي موجود آهن.