دجال: اسلامي اصطلاح ۾ دجال مان مراد ڪوڙو مسيح آهي ۽ ان جو دجل (فريب) جادوگري، ڪوڙ ۽ ٺڳي آهي. دجال لاءِ چيو وڃي ٿو تہ آخري زماني ۾ ظاهر ٿيندو ۽ خدا هئڻ جي دعويٰ ڪندو. دجال جي ظاهر ٿيڻ کي قيامت جي نشانين مان هڪ سمجهيو ويو آهي. دجال بابت چيو وڃي ٿو تہ پهرين عراق ۽ شام جي وچ ۾ ظاهر ٿيندو ۽ نبوت جي دعويٰ ڪندو ۽ پوءِ اصفهان ويندو، جتي هو خدائيءَ جي دعويٰ ڪندو ۽ ستر هزار يهودي سندس پوئلڳي ڪندا. دجال جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ۾ تمام گهڻو ڏڪار ٿيندو ۽ ماڻهو سخت تڪليفن ۾ ايندا. دجال جي شڪل ۽ صورت بہ حديثن ۾ بيان ٿيل آهي تہ هو ڪاڻو هوندو ۽ سندس هڪ اک ۾ ڦري هوندي، جيڪا سائي شيشي وانگر ڏسڻ ۾ ايندي. ان جا وار گهنڊيدار هوندا. نڙي ويڪري هوندس. سندس نرڙ تي ڪافر لکيل هوندو، سندس رنگ ڳاڙهاڻ مائل ۽ جسم بي ڊولو ۽ ٿلهو هوندو. دجال وٽ هڪ باغ هوندو، جنهن کي هو جنت چوندو ۽ باھہ هوندي، جنهن کي دوزخ چوندو. ان جي هٿان عادت ۽ فطرت جي خلاف ڳالهيون ظاهر ٿينديون. جيئن آسمان مان مينهن وسائڻ، شيطانن کي ماڻهن جي ماءُ پيءُ جي شڪلين ۾ زمين مان ڪڍڻ ۽ هوا ۾ تري ڏيکارڻ، جيئن هوا ۾ ڪڪر هلندا آهن. هو سڄي دنيا فتح ڪري وٺندو، پر مڪي ۽ مديني تي قبضو نہ ڪري سگهندو. دجال جي فساد ۽ فتني جي مدت چاليھہ ڏينهن، چاليھہ مهينا يا چاليھہ سال هوندي. ان کانپوءِ حضرت عيسيٰ عليہ السلام دمشق جي جامع مسجد جي اولانهين مناري تي اچي لهندو ۽ ’لد‘ (بيت المقدس) واري هنڌ دجال کي قتل ڪندو.