
دبير مرزا
دبير مرزا: لکنوءَ جي نامور مرثيہ گو شاعر مرزا دبير جو اصل نالو مرزا سلامت علي ’دبير‘ هو. دبير مرزا 11 جمادي الاول 1218ھہ/ 29 آگسٽ 1803ع تي دهليءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد مرزا غلام حسين، ملا هاشم شيرازيءَ جو پوٽو هو. ملا هاشم شيرازي جڳ مشھور عالم ۽ شاعر اهلي شيرازيءَ جو ڀاءُ هو. مرزا دبير ننڍپڻ ۾ پيءُ سان گڏ لکنو هليو ويو ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين. لکنئو جي مشھور عالمن وٽ ديني توڙي دنيوي علمن جي سکيا ورتائين، عربي ۽ فارسيءَ ۾ وڏي مهارت حاصل هئس. چوڏهن سالن جي عمر ۾ شاعري شروع ڪيائين. سلام ۽ مرثيي جي سکيا مير مظفر حسين ’ضمير‘ کان ورتائين، مرثيہ گوئيءَ ۾ ايڏي شھرت حاصل ڪري ورتائين، جو اوڌ جا نواب ۽ سندن درٻار جا امير ۽ وزير مرزا دبير جي وڏي عزت ۽ تعظيم ڪندا هئا.
مرزا دبير سڄي زندگي رسول پاڪ ۽ اهل بيت ڪرام جي مدح، ثنا ۽ مرثيي گوئيءَ ۾ بسر ڪئي. مغل بادشاھہ واجد علي شاھہ سندس تمام گهڻي عزت ڪندو هو. 1857ع دوران ڪجهہ عرصي لاءِ سيتاپور ويو هو، جتان پوءِ ڪانپور ۽ عظيم آباد ۾ بہ ڪجهہ عرصو رهيو، پر آخر ۾ لکنوءَ ۾ اچي مقيم ٿيو.
مرزا دبير پرهيزگار، متقي، مهمان نواز، عالم شخص هو. في البديھہ شعر چوڻ ۾ ڪمال رکندو هو. سندس ڪلام ۾ فصاحت، بلاغت ۽ صنعتن جو تمام گهڻو استعمال موجود آهي.
دبير مرزا جون ڪيتريون تصنيفون شايع ٿيل آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) مـراثـي دبيـر (ٻہ جلد: 1882ع)، (2) دفتر ماتم (1897ع)، (3) مرثيہ هائي مرزا دبير (1882ع)، (4) سبع المثاني (1891ع)، (5) ابواب المصائب (1891ع)، (6) رباعيات دبير (1901ع).
مرزا دبير بابت اها ڳالھہ مشھور آهي تہ هن غزل جا ٽي ديوان مرتب ڪيا هئا، جن کي اڳتي هلي پاڻ ئي ضايع ڪري ڇڏيائين ۽ ان کان پوءِ ڪڏهن بہ غزل نہ چيائين. مرزا صاحب لکنؤ ۾ 30 محرم الحرام 1292ھہ/ 8 مارچ 1875ع تي وفات ڪئي. کيس سندس گهر ۾ ئي دفن ڪيو ويو. اهو گهر جنهن هنڌ موجود آهي، ان جو نالو ’ڪوچهء دبير‘ آهي ۽ اڄ تائين ان نالي سان لکنؤ ۾ مشھور آهي.
سنڌ جي نامور مرثيہ گو شاعرن، جھڙوڪ: مرزا فتح علي بيگ ’فتح‘، مير حسن علي خان ٽالپر، مرزا ٻڍل بيگ، مرزا قاسم بيگ، آخوند محمد عالم پنهور، خواجہ ناصر علي، مرزا بندہ علي وغيرہ. مرزا دبير جي گهڻن ئي اردو مرثين جا سنڌيءَ ۾ منظوم ترجما ڪيا آهن.
ان کان سواءِ مرزا دبير جا مرثيہ ۽ سلام عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ سنڌ جي امام بارگاهن ۾ وڏي عقيدتمنديءَ سان پڙهيا وڃن ٿا.
1803.08.29 عيسوي
لکنوءَ جي نامور مرثيه گو شاعر مرزا دبير جو اصل نالو مرزا سلامت علي ’دبير‘ هو. دبير مرزا 11 جمادي الاول 1218هه/ 29 آگسٽ 1803ع تي دهليءَ ۾ جنم ورتو.
1875.03.08 عيسوي
مرزا صاحب لکنؤ ۾ 30 محرم الحرام 1292هه/ 8 مارچ 1875ع تي وفات ڪئي. کيس سندس گهر ۾ ئي دفن ڪيو ويو.