دبر ڪوٽ

دبر ڪوٽ (Dabar Kot): هي ماڳ بلوچستان ۾ ضلعي لورالائيءَ کان ڪوهلو ويندڙ رستي تي دُڪِي شھر کان اتر- اوڀر ۾ 18 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ميداني علائقي ۾ موجود آهي. هي دڙو 121.2 ايڪڙ ايراضي والاري ٿو. هن دڙي جي ڊيگهہ ويڪر 152x4x137.10 ميٽر آهي، جڏهن تہ اوچائي 34.44 ميٽر آهي. هيءُ ماڳ 1898ع ۾ لڌو ۽ اُن جي کوٽائي ڪئي وئي. کوٽائيءَ دوران جيڪي ثقافتي شيون (وٿون) هٿ آيون، انهن کي ڌاتو- پٿر دؤر کان وٺي ساساني دؤر تائين جي وٿن سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ٺڪراٺو ڌاتو پٿر دؤر جو آهي. ٺڪر کانسواءِ گهرن ۽ گهرن کان ٻاهر رستن تي پڪين سرن جون ناليون بہ مليون آهن. هتان مليل ٺڪراٺو شاھہ ٽپي، حسار، دشتِ لوط وغيرہ ماڳن سان ڀيٽي سگهجي ٿو.
هي دڙو هڪ مناري وانگر 100 فوٽ کن اوچو آهي. دبر ڪوٽ وٽان سنڌو ماٿريءَ کان قنڌار ويندڙ رستو لنگهي ٿو. هن دڙي مان ميٽوڙي- پيلي رنگ (Pale-buff) جو ٿانءُ ملي ٿو. ٿانون جو اهڙو قسم پاڪستان جي ماڳن مان گهٽ ۽ افغانستان ۽ ايران جي ڪن ماڳن تان وڌيڪ مليو آهي. هتان هڪ ٺڪر جو پيالو مليو آهي، جيڪو ٻي صدي ق. م جي اوائلي دؤر سان واسطو رکي ٿو. هن قسم جو ٿانءُ هندستان ۾ موجود نورداتولي (Nordatoli) ماڳ جي تھہ- II سان ڀيٽڻ جهڙو آهي، هن قسم جا پيالا راجستان ۽ دکن مان بہ مليا آهن. دڙي مان ملندڙ ٺڪر کي چئن دؤرن ۾ ورهايو ويو آهي:
پهريون دؤر: هن دؤر ۾ سرور جنگل ۽ رانا غونڊائي ٺڪر ملي ٿو. اهو ’سرور جنگل‘ وارو ٺڪر ڪافي کهرو آهي. ان کان سواءِ ڪاري تي ڳاڙهي ليڪي وارو ٺڪر بہ مليو آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ هيءُ ماڳ رانا غونڊائي ۽ سرور جنگل ماڳن جو همعصر آهي.
ٻيو دؤر: هن دؤر جو ٺڪراٺو هڙپا دؤر جي باقيات جي شاهدي ڏئي ٿو، ڇو تہ هتان سنڌو تھذيب جو ڳاڙهي تي ڪاري ليڪي وارو ٺڪر چڱي تعداد ۾ مليو آهي، جيڪو چٽيل ۽ کرچيل آهي، ان کانسواءِ هتان مورتيون بہ مليون آهن ۽ ڪجهہ ٺڪر جي چوڙين جا ٽڪرا بہ مليا آهن. سر جنگل ماڳ تان سنڌوءَ جون (وٿون) شيون نہ ٿيون ملن، پر رانا غونڊائي ماڳ تان ڪي قدر ملن ٿيون. ان ڪري اهي سڌي شاهدي ڏين ٿيون، تہ هي دڙو سر جنگل کانپوءِ جي آباديءَ وارن جو آهي.
ٽيون دؤر: هتان ملندڙ ٺڪراٺو گل- نقشي ۾ جهڪر ماڳ جي ٺڪر جهڙو آهي، جيڪو رانا غونڊائيءَ سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. اهو پوءِ- هڙپائي دور (Post-Harappan) جي نشاندهي ڪري ٿو. مسٽر اسٽين هن کي ساساني دؤر سان ڀيٽيو آهي، ان ڪري اها ڳالھہ، ماڳ جي وقت ڀيٽڻ لاءِ اوکي ٿي پئي آهي.
چوٿون دؤر: هن دؤر جي (وٿن) شين ۾ جسامت وارا ۽ سھڻي چٽ سان ٿانوَ ملن ٿا. پيٺل، کرچيل ۽ رسيءَ نما چٽَ وارو ٺڪر بہ هن دؤر مان مليو آهي. اهي ٿانو شايد ٻڌ دؤر جا آهن. ان کانسواءِ گهنڊيدار چٽ وارو ٺڪر، پيشن وارو ۽ ڳاڙهي تي ڪاري ليڪي وارو ٺڪر بہ مليو آهي، پر کرچيل ٺڪر گهڻي تعداد ۾ملي ٿو. هتان اسلامي دؤر جو ٺڪر نہ ٿو ملي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو