داڳ/ داغ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب آڳاٽي دور ۾ جڏهن ڪو وڌيڪ طاقتور حاڪم، سردار يا قبيلو، پنھنجي مخالف يا دشمن کي شڪست ڏيئي مٿس غلبو حاصل ڪندو هو تہ دشمن سردارن ۽ مخالف سرڪردن کي داڳيندو هو، يعني پنھنجي غلبي ۽ سندن شڪست جي نشان طور کين داڳ ڏيندو هو؛ ڄڻ ڏاڍو هيڻي کي آڻ مڃائي پنھنجي غلبي ۽ مخالف جي دائمي شڪست طور هيڻي کي داڳ ڏيندو هو، اها رسم آڳاٽي دور ۾ غلامن ۽ ٻانهن کي داڳڻ جي هڪ ڪُڌي رسم طور رائج هئي، جنهن ۾ مالڪ پنھنجي غلامن ۽ ٻانهن تي سڃاڻپ جو داڳ هڻندا هئا.
سومرا دؤر ۾ بہ جنگ جي ميدان ۾ ڏاڍي حاڪم پاران هارايل حاڪم کي داڳڻ جي رواج جا آڳاٽا حوالا ’تاريخ طاهري‘ ۾ بہ موجود آهن.
سنڌ جي ٿر توڙي ٻين علائقن ۾ مختلف ذاتين وارا چوپائي مال کي سڃاڻپ طور داڳ ڏيندا آهن، جن ۾ هميراڻو، ٽنگڙي، ترشول، ڪُنڙ، پاگوڙو، هالا وغيرہ مشھور آهن.
شاھہ لطيف بہ سُر ليلان چنيسر ۾ هن رواج کي بيان ڪيو آهي، پر اُن جي اصطلاحي معنيٰ ’جدائيءَ جو داغ‘ ٿيندي:
داغ تنهنجو داسڙا، جيري مٿي جن،
تون ڪيئن مٿان تن، چنيسر چت کڻين!