داٻ

داٻ (Pressure): علم طبعيات (Physics) جي اصول موجب داٻ (Pressure)، هوا ۽ گئس وغيرہ سان پيدا ٿيندڙ هڪ عمل آهي، جيڪو ڪنهن بہ سطح تي عمل ڪرڻ واري جبلي قوت کان قطعي مختلف هوندو آهي. هونئن تہ ڪنهن بہ جسم تي قوت يا سگهہ ڪنهن هڪ نقطي تي لڳائي ۽ ماپي سگهجي ٿي، جنهن کي بہ داٻ چئبو آهي، پر پاڻيٺ ۾ ان جو عمل مختلف ٿئي ٿو. پاڻيٺ پوءِ اهو مايي توڙي گئس جي صورت ۾ ڇو نہ هجي، ان جي بند پاڻيٺ ۾ پيدا ٿيندڙ قوت ان جي پوريءَ سطح تي لڳندي آهي. تنهنڪري پاڻيٺ ۽ ان جي اندر پيدا ٿيندڙ قوت کي داٻ چئبو آهي. داٻ کي پائونڊ، ڊئن ۽ نيوٽن جي ايڪي ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. داٻ کي رياضيءَ جي ٻوليءَ ۾ لکبو آهي، جن مان P داٻ (Pressure)، F قوت يا زور (Force) ۽ A ايراضيءَ (Area) کي ظاهر ڪري ٿو. پاڻيٺ ۾ ڪنهن بہ نقطي تان، هر هڪ حصي مان هڪ جيتري قوت سان داٻ جو عمل ٿئي ٿو، جڏهن تہ ڪنهن سخت جسم جي مختلف حصن سان لڳندڙ سگهہ مختلف هوندي آهي. هميشہ ڪنهن بہ پاڻيٺ جي اندر ٻن مختلف نقطن تان پيدا ٿيندڙ داٻ جي سگهہ جي فرق جو دارومدار پاڻيٺ جي ڦهلاءَ ۽ گهرائيءَ تي هوندو آهي. مثال طور: هڪ ٽوٻو جيئن جيئن پاڻيءَ جي گهرائيءَ ۾ ويندو آهي تہ ان تي داٻ جي قوت پڻ وڌندي آهي ۽ ان کي هوا ۽ ڪشش ثقل جي ڇِڪ يا داٻ گهرائيءَ جي هر ميٽر جي واڌاري تي 9810 ڀيرا وڌيڪ محسوس ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ تہ مايو داٻ کي جذب ڪندڙ نہ ٿو ٿئي. تنهنڪري وڌندڙ گهرائيءَ سان گڏ ان جي ڦهلاءُ ۾ بہ ذڪر جوڳو واڌارو نٿو ٿئي. ان جي ڪري ئي داٻ جي واڌ جو بنياد فقط گهرائيءَ ۾ ٿيندڙ اضافي تي هوندو آهي، جڏهن بہ ڪنهن جسم کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙجي ٿو تہ وڌيڪ گهرائيءَ ۾ اُماڻڻ جي ڪوشش دوران جسم جي هيٺئين حصي کان مٿئين حصي طرف لڳندڙ زور، جسم جي مٿئين حصي تي لڳندڙ زور کان وڌيڪ هوندو آهي، ڇاڪاڻ تہ جسم جي مٿئين حصي وٽان اڇل واري سگهہ هوندي آهي، جنهن ڪري ان کي هيٺ ٻوڙڻ لاءِ وڌيڪ سگهہ گهربل هوندي آهي. ان وقت پاڻيءَ جي گهرائيءَ ۾ موجود آڪسيجن جي موجودگيءَ سبب داٻ پيدا ٿيندو آهي.
ناليواري سائنسي ماهر ’ارشِميدس‘ جي قانون موجب: اُڇل جي قوت، جسم پاران جاءِ وٺڻ سبب پنھنجي جڳھہ ڇڏيندڙ مايي جي وزن جيتري هوندي آهي. جيڪڏهن جسم جو وزن اڇل جي قوت کان گهٽ هوندو آهي تہ اهو سطح تي ترندو، ٻيءَ صورت ۾ اهو پاڻيءَ ۾ هيٺ ٻڏي ويندو. پاڻيٺ کان سواءِ گئس جو داٻ بہ ٿئي ٿو.
گئس جي داٻ جو معاملو ڪنهن قدر پاڻيٺ جي داٻ جي لحاظ کان وڌيڪ پيچيدہ هوندو آهي. مثال طور: هوا جو ڦهلاءُ ڪائنات ۾ موجود ماين جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، تنهنڪري ان جي ڪن بہ ٻن نقطن تي موجود داٻ جي سگهہ جو فرق فقط ان وقت ئي ذڪر جوڳو هوندو آهي، جڏهن انهن ٻنهي نقطن جي وچ جو فاصلو گهڻو هجي. گهر جي ڪمرن ۾ هوا جو داٻ هڪجهڙو ئي ٿئي ٿو، پر سمنڊ جي هر سطح توڙي جبلن جي چوٽين تي موجود هوا جي داٻ (Pressure) ۾ واضح فرق هوندو آهي. ڇاڪاڻ تہ هوا گئس آهي، ان ڪري اها پاڻيٺ جي مقابلي ۾ وڌيڪ داٻ پذير آهي. ان جو ڦهلاءُ وڌندڙ اوچائيءَ تي جيئن پوءِ تيئن گهٽبو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هوائي داٻ ۾ وارد ٿيندڙ تبديليءَ جو دارومدار، هوا جي ڦهلاءَ تي بہ ٿئي ٿو. ان سميت هوا جي داٻ ۾ چاڙھہ يا گهٽتائيءَ جو مدار ان اوچائيءَ واري هنڌ تي بہ هوندو آهي، جتي ان جي پيمائش ڪبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو