دايو، مظفر علي

دايو، مظفر علي

دايو مظفر علي

دايو، مظفر علي: صوفي راڳي فقير مظفر علي ولد فقير لطف علي دايو، سنڌ جي مشھور صوفي شاعر ۽ درويش غمدل فقير جو پوٽو آهي. پهرين سيپٽمبر 1970ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتائين. سندس تعليم ايم. اي (اقتصاديات) آهي ۽ پيشي جي حوالي کان پرائمري استاد آهي. فقير مظفر علي، موسيقيءَ جي باقاعدي تعليم وقت جي ڪلاسيڪل ۽ صوفي راڳي فقير امام علي خان ٿھيم کان حاصل ڪئي. سنڌي ۽ بلوچي موسيقيءَ جي سريلي ساز ’بينجو‘ جي سکيا سنڌ جي ناليواري بينجي نواز استاد غلام حسين ’گل‘ کان ورتائين. فقير مظفر عليءَ جا ريڊيي ۽ ٽي. وي تي ڪيترا ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن. هن جي ڪلامن ۾ ڪلاسيڪي ۽ جديد رنگ جو سنگم آهي.
فقير مظفر عليءَ جا ڪيترائي شاگرد بہ آهن، جن ۾ فقير بجر علي، ناصر قاضي، امداد علي نصيراڻي ۽ ٻيا شامل آهن، هن جا ڪيترا آڊيو ۽ وڊيو البم بہ جاري ٿي چڪا آهن. هن وقت رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.09.01  عيسوي

صوفي راڳي فقير مظفر علي ولد فقير لطف علي دايو، سنڌ جي مشهور صوفي شاعر ۽ درويش غمدل فقير جو پوٽو آهي. پهرين سيپٽمبر 1970ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتائين.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سرمد اياز
بخشو ۽ صادق علي
بينجمن سسٽرز
خاصخيلي محمد ابراهيم
دين محمد خان استاد
زينت شيخ
ديدار حسين سمو
آصف مھدي
عطاءُ ﷲ خان عيسيٰ خيلوي
استاد يوسف کٽي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون