دانش اياز

دانش اياز

دانش اياز

دانش اياز: نوجوان شاعر اياز دانش جو پورو نالو اياز علي ولد محمد صالح قنبراڻي آهي. سندس جنم 4 مارچ 1982ع تي ڳوٺ محمد صديق نهڙيو، لنواري شريف، ضلعي بدين ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. گريجوئيشن ڪرڻ بعد درس وتدريس جي شعبي سان سلھاڙجي ويو. هُن هن وقت تائين ڪيترائي ڪالم، خاڪا لکيا آهن، سندس مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. هن ڪيترن ئي انگريزي شعرن جو منظوم سنڌي ترجمو ڪيو آهي. ان کان سواءِ هي مختلف ڊرامن جا اسڪرپٽ پڻ لکي چڪو آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”پرين تون سنڌ لڳين ٿو“ 2002ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، اياز جي شاعريءَ ۾ قومي رنگ نمايان نظر اچي ٿو، هيءُ هن وقت انڊس پبلڪ اسڪول ۾ ڊائريڪٽر جا فرض سر انجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.03.04  عيسوي

دانش اياز جو جنم 4 مارچ 1982ع تي ڳوٺ محمد صديق نهڙيو، لنواري شريف، ضلعي بدين ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روشن تبسم
داتا فيض درياھہ شاھہ
سوز هالائي
قربان چنا
رضوي سيد علي مدد شاھہ
رامداس سوامي
ڀاون علي شاھہ
سيفو شاعرہ
بشير منگي
عمرالدين بيدار
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون