دانشور خان: دانشور خان جو ٺٽي جي فارسي شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو. کيس پنھنجي دؤر جي شاعرن ۾ خاص اهميت حاصل هئي. سندس تخلص ’شهرتي‘ هو. مشھور شاعر مير عبدالرزاق خان معموري سندس همعصر هو. دانشور خان جي شاعري فارسيءَ ۾ آهي، کيس فارسيءَ تي خاص عبور حاصل هو. هو جھانگير بادشاھہ جي دؤر ۽ قباد خان حاڪم جي دؤر تائين زندھہ هو. وقت جي حاڪمن وٽ سندس چڱي عزت هئي. سندس ’ديوان شهرتي‘ تمام گهڻو مشھور آهي.