داغ بي داغ (ڪتاب): هي ڪهاڻيون، هند ۾ سنڌيءَ جي نامياري ليکڪ رتنا گوديا ’رولاڪ‘ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ۾ 9 ڪهاڻيون: (1) آءٌ ٻروچڪو ٻار، (2) ايشور تنھنجي مايا، (3) داغ بي داغ ٿيو، (4) سڀاڳي، (5) پنرجنم، (6) اماس، (7) مان مان نہ رهيس، (8) واھہ مائي واھہ ۽ (9) سفر ۾ اسين اڪيلا نہ آهيون، شامل آهن. رتنا ’رولاڪ‘ جو هي ڊيمي سائيز جي 110 صفحن تي مشتمل ڪتاب، سنڌي ادبي سڀا، پوني (انڊيا) طرفان آڪٽوبر 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي ۽ اُن جي قيمت 100 روپيا آهي.