داسڙن جو دڙو

داسڙن جو دڙو: تعلقي عمرڪوٽ جي شھر شادي پليءَ کان اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر اولھہ ڏکڻ جي ڪنڊ تي، مٺڙائو ڪئنال (بان) جي کاٻي ڪناري تي ’داسڙن جو دڙو‘ واقع آهي. هي دڙو اڳ ۾ مٺڙائو/ بان واھہ جي سطح کان اٽڪل 20-25 فوٽ مٿي نظر ايندو هو، پر هن وقت ڀڙو اصل اوچائيءَ کان ڪٿي اڌ، ڪٿي چوٿون حصو بہ نہ بچيو آهي. اهڙيءَ طرح ان جي ڊيگهہ ۽ ويڪر بہ متاثر ٿي آهي، اڳ دڙي کان اٽڪل ٻہ ٽي ڪلوميٽر پري ننڍا ننڍا آثار ۽ ٺڪراٺو نظر ايندو هو. ڪٿي ڪٿي پڪين ديوارن ۽ ڪمرن جا نشان پڻ نظر ايندا هئا. هن دڙي مان ڪافي ٺڪر ۽ پٿر جون شيون ۽ ٿانون جا نمونا ملندا رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو