داستان: جامع سنڌي لغات موجب ’داستان‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’آکاڻي، قصو، ڳالھہ، ڪٿا، حڪايت، افسانو وغيرہ.‘ داستان فارسي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ بہ ساڳي ڄاڻائي وئي آهي. داستان هڪ مرڪزي قصو ٿيندو آهي، جيڪو طويل هوندو آهي ۽ ان ۾ ڳالھہ مان ڳالھہ نڪرندي ويندي آهي. يعني مرڪزي قصي کانسواءِ وچ وچ تي ٻيون بہ ننڍيون وڏيون آکاڻيون هونديون آهن، جيڪي زنجير جي ڪڙين وانگر هڪ ٻئي سان جڙيل هونديون آهن. داستان جو سمورو قصو تخيل جي پرواز جو نتيجو هوندو آهي، جنهن جو حقيقي زندگيءَ سان اڪثر واسطو نہ هوندو آهي، پر ان ۾ مافوق الفطرت ڪردار ۽ غير قدرتي ڳالهيون بيان ڪيون وينديون آهن. ان جي باوجود قصي جو انساني زندگيءَ ۽ فطرت سان ڪو نہ ڪو تعلق ضرور هوندو آهي. داستان ۾ زندگيءَ جي تصوير بہ هوندي آهي، پر ان جو تعلق حال سان گهٽ ۽ ماضي بعيد سان وڌيڪ هوندو آهي. داستان ۾ اهڙي دنيا ڏيکاريل هوندي آهي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار انسان هوندو آهي، جيڪو ڪڏهن پريشان تہ ڪڏهن مشڪلاتن ۾مبتلا هوندو آهي تہ ڪڏهن وري ڪاميابين ۽ ڪامرانين سان همڪنار ٿيندو آهي. داستان ۾ ڪردار نگاري نہ هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ ان ۾ انساني ڪردارن کي غير معمولي گڻن وارا انسان ڪري ڏيکاريو ويندو آهي. انساني ڪردار سان گڏ، داستان ۾ مافوق الفطرت ڪردار بہ هوندا آهن، جھڙوڪ: ديو، پريون، جن، ڀوت، جادوگراڻيون وغيرہ. محققن جي راءِ آهي تہ جڏهن کان انسان سمجهہ لائق ٿيو آهي، تڏهن کان داستان يا قصي جو وجود پيو آهي، تنهنڪري داستان ۾ انسان جي ذهني ارتقا ۽ تھذيب جي ترقيءَ جون مختلف منزلون گڏ نظر اينديون آهن. سنڌ ۾ داستان، قصا ۽ آکاڻيون قديم زماني کان وٺي مروج آهن. البت ڪتابي صورت ۾ داستان انگريزن جي دؤر جا ڇپيل آهن، جن ۾ گهڻا اردو ۽ فارسي قصن ۽ داستانن جا ترجما آهن. اهڙي قسم جو پهريون ڇپيل قصو ’طوطي نامہ سنڌي‘ آهي، جيڪو پهريون ڀيرو 1854ع ۾ ڇپيو. هي داستان حيدر بخش جي اردو طوطا ڪهاڻيءَ تان گل محمد ۽ حبيب ﷲ ترجمو ڪيو هو. 1890ع ۾ ٻيو دلچسپ ’قصو گل بڪاولي‘ ڇپيو. هي قصو اصل فارسيءَ ۾ عزت ﷲ بيگ جو لکيل هو، جنهن جو سنڌي ترجمو خان جلباڻيءَ ڪيو. 1892ع ۾ الف ليليٰ ۽ حاتم طائيءَ جا قصا بہ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيا. ان کانپوءِ ٻيا بہ ڪجهہ داستان ڇپيا، جھڙوڪ: بھرام گور، قصو ڪٻر جو، قصو راڻي ڪوري جو، قصو ٺڳ جو، گڏ ڏھہ قصا، انڌير نگري، سوداگر مينا، منو چھر شھزادي وغيرہ. 1902ع ۾ آخوند لطف ﷲ جو لاثاني ۽ لافاني داستان ’گل خندان‘ ڇپيو. هي داستان اردوءَ جي مشھور قصن جي ڪتاب ’فسانهء عجائب‘ جي هڪ قصي جو آزاد ترجمو آهي. مترجم داستان جي انداز بيان ۾ ايڏي تہ دلڪشي ۽ نواڻ پيدا ڪئي آهي، جو ’گل خندان‘ کي سنڌي ادب جو شاهڪار قصو تسليم ڪيو وڃي ٿو. اهڙي قسم جا داستان پوءِ بہ لکيا ويا، جن ۾ مير عبدالحسين سانگيءَ جو ’قصهء دلچسپ‘، ’قصہ گل رنگ و گل اندام‘ (1904ع وغيرہ)، عربيءَ جو مشھور قصو ’امير حمزہ‘ بہ اردوءَ تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. ان کانسواءِ ’گل صنوبر‘، ’سيف الملوڪ‘ ۽ ’بديع الجمال‘ قصا بہ اردوءَ تان ترجمو ڪيا ويا، جيڪي اصل ۾ فارسي قصن تان ورتل هئا. ان کانسواءِ مشھور اديب ۽ شاعر محمد صديق مسافر جا قصا لکيل آهن، جن ۾ هن ’ممتاز دمساز‘ 1909ع ۾ لکيو، جيڪو اردو قصي تان ترجمو ٿيل هو، جيڪو وري اصل فارسي داستان مهربانو تان ورتل آهي. ان کانسواءِ مسافر جو لکيل داستان ’گلبدن‘ پڻ موجود آهي. طبعزاد داستانن ۾ فقير محمد عاجز جو ’گلشن بھار‘ قابل ذڪر آهي. ’سنڌي داستان‘ جي موضوع تي ڊاڪٽر قاضي خادم، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.