دارا عالم ابڙو

دارا عالم ابڙو

دارا عالم ابڙو

دارا عالم ابڙو: نامور مصور ۽ تعليمي ماهر دارا عالم ولد محمد عالم ابڙو، 19 آڪٽوبر 1940ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. ايم. اي سنڌيءَ تائين تعليم حاصل ڪيائين. کيس فن مصوريءَ سان ننڍپڻ کان ئي لڳاءُ رهيو. 64-1962ع ۾ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي (اولڊ ڪئمپـس) ۾ ڊرائيـنگ جو استاد رهيو. 70-1965ع دوران ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ نمائشن ۾ سندس ٺاهيل فن پارن جي نمائش ٿيندي رهي. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، پر کيس فائن آرٽس جي ڊگري نہ هئڻ سبب سندس ليڪچراريءَ جو آرڊر رد ڪري، کيس انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ ۾ فوٽوگرافر مقرر ڪيو ويو ۽ پوءِ 1974ع ۾ ساڳئي شعبي ۾ ليڪچرار بڻيو. کيس 1975ع ۾ اسڪالرشپ ڏئي آمريڪا موڪليو ويو، جتي ٽي سال رهي، پينٽنگ، فوٽوگرافي، مجسمي سازيءَ ۽ پرنٽ ميڪنگ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. نيويارڪ ۾ سنڌ جي ثقافتي پسمنظر ۾ ڪيل مصوريءَ جي نمائش ڪرايائين. هن آمريڪا جي ڪاليج آف ايجوڪيشن ۾ بہ ڪجهہ عرصو پڙهايو. 1978ع ۾ ڏيھہ واپس اچي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ ۾ پڙهائڻ لڳو، پر ڪجهہ عرصي بعد ٻيهر آمريڪا هليو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.10.19  عيسوي

نامور مصور ۽ تعليمي ماهر دارا عالم ولد محمد عالم ابڙو، 19 آڪٽوبر 1940ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنجو مل رگهواڻي
شرجيل فتاح هاليپوٽو
سعيد علي وارثي
علي اڪبر سومرو
شوڪت علي دائودپوٽو
نياز شيخ
چنا عمران
رضوان عمراڻي
ڊاونچي ليونارڊو
دارا عالم ابڙو
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون