دارا شاھہ

دارا شاھہ (ماڳ): هيءُ ڌاتو پٿر جي دور جو قديم ماڳ آهي، جيڪو تعلقي ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄامشوري ۾ 25°43`00`` اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67° 32`80`` ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هتان مليل وٿن مان قديم آثارن جي ماهرن جو خيال آهي تہ هتي اوائلي دور جي انسانن پاران پٿر جي اوزارن ٺاهڻ جي فيڪٽري قائم هئي. هتان پٿر جا ڪمايل اوزار، پتا، ڪورون وغيرہ وڏي تعداد ۾ مليون آهن.
هن قسم جا ڪارخانا ڪوهستان جي ٻين ڀاڱن سان گڏ روهڙيءَ ۾ بہ مليا آهن. هيءُ ماڳ آثارِ قديمہ جي ماهرن حاڪم علي شاھہ ۽ بدر ابڙي، ايڪسپلوريشن اينڊ ايڪسيپيڊيشن سوسائٽيءَ پاران ماڳن جي ڳولا دوران ڳولي هٿ ڪيو هو. قديم انسان جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ هيءُ ماڳ نهايت اهم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو