
دارالقضا واري مسجد
دارالقضا واري مسجد: هيءَ مسجد نصرپور شھر ۾ گراڻن جي محلي ۾ آهي. پراڻي زماني ۾ هن مسجد کي خاص اهميت حاصل هئي. شھر جا قاضي ۽ مفتي هن مسجد ۾ ويهي اسلامي شريعت مطابق فيصلا ۽ شرعي فتوائون جاري ڪندا هئا. قاضي خاندان جو مشھور بزرگ قاضي عبدالوهاب، جيڪو شھر جو قاضي ۽ مفتي هو، اهو پڻ هن مسجد ۾ ويهي فتوائون لکندو هو. ان وقت ۾ هي مسجد حاڪمن طرفان ڪورٽ جو ڪم ڏيندي هئي. روايت آهي تہ “مخدوم ميان عبدالحق (اول)، جيڪو حڪومت پاران شھر جو قاضي هو، ان کي وفات بعد هن مسجد جي احاطي ۾دفنايو ويو.” قاضي مخدوم روح الله، جيڪو ڪلهوڙن جي دور ۾ شھر جو قاضي هو، اهو پڻ پنھنجي محلي جي مسجد بدران هن مسجد ۾ ويهي فيصلا لکندو هو، ان کانسواءِ ڪيترن ئي عالمن، قاضين ۽ مفتين هن مسجد ۾ ويهي فيصلا صادر ڪيا.