
داد شهيد جو مقبرو
داد شھيد جو مقبرو: داد شھيد جو مقبرو انـڙپور (تعلقي ڪوٽڙيءَ) ۾ انڊس هاءِ وي جي ويجهو واقع آهي. حضرت داد شھيد کي 14 سالن جي ڄمار ۾ شھيد ڪيو ويو هو. هي مقبرو ۽ ٻيا آثار ٽن ايڪڙن ۾ ڦهليل هڪ قبرستان ۾ آهن. مقبري جي ڀر ۾ مسافرخانو، مسجد ۽ قبرستان آهي. مقبري جو رستو ٽن ونگائين لنگهہ کان سڌو ٻن درن واري مقبري تائين وڃي ٿو. مقبري کي هڪ گنبذ آهي ۽ عمارت ۾ بلڪل وچ تي مزار آهي، جيڪا مختلف رنگن سان چٽيل آهي. داد شھيد جو مقبرو اسلامي دؤر جو يادگار آهي.