دادن پير

دادن پير: يارهين صديءَ جي مشھور بزرگ دادن پير بابت، مشھور ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو تہ: ”پير دادن وڏو پير ۽ ڪامل ولي هو. هر وقت مٿي اگهاڙو، وار کنڊيل هوندا هئس. هو تڪيي وارو فقير هو. ڪن جو چوڻ آهي تہ سيد محمد يوسف رضويءَ جو همعصر آهي ۽ ڪن جو چوڻ آهي تہ ان کان اڳي ٿي گذريو آهي. سيد محمد يوسف پنھنجي اولاد کي چيو هو تہ جيڪڏهن ڪنهن مشڪل وقت ۾ مون تائين پهچي نہ سگهو تہ کيس دعا گهرڻ لاءِ چئجو. پير دادن جي درگاھہ تي سوالي مقصدن جي حاصلات لاءِ ايندا آهن. دادن پير جي درگاھہ شھيد شيخ ابو تراب جي ڀر ۾ مڪليءَ تي واقع آهي.


لفظ دادن پيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو