دادلو درياهه

دادلو درياهه

دادلو درياھہ

دادلو درياھہ (ڪتاب): فقير الھہ بخش لغاريءَ جو هي ڪتاب، سنڌو درياھہ بابت اهم ڄاڻ تي مشتمل ۽ پنھنجي نوعيت جو هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ درياھہ جي خاصيتن، درياھہ ۾ ترڻ جي سَنڊن، درياھہ جي لَٽ، درياھہ جي آبي جانورن، مڇين ۽ پکين سان گڏ درياهي پڊن جا خشڪيءَ وارا پکي، سيلاني پکي، درياھہ جي ڪپرن ۽ ڪنڌيءَ تي رهندڙن جانورن جا تفصيل ڏنل آهن. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ مڇيءَ مارڻ جا هلٽ ۽ طريقا بہ بيان ٿيل آهن. ان کان سواءِ دادو- موري پل جي ڪچي واري ساڄي پاسي، خيري ديري کان سيوهڻ تائين جي ڪچي جو تفصيلي احوال بہ ڏنل آهي. مصنف درياھہ جي کاٻي پاسي موجود ڍنڍن، ڍورن، واهڙن ۽ دُٻن جي ذڪر کان سواءِ پنھنجي ڳوٺ لغاري بجراڻيءَ جي ماضي، حال، ڪاروهنوار، تر جي موچارن ماڻهن ۽ شوق شڪار جا تفصيل بہ لکيا آهن. هي ڊيمي سائيز جي 200 صفحن تي مشتمل خوبصورت ٽائيٽل وارو ڪتاب، بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ، نوابشاھہ پاران 2011ع ۾ شايع ٿيو آهي ۽ اُن جي قيمت 220 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو